ڪراچي(نمائندن وٽان) درياهه تي نوَن ڪئنالن خلاف سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاج جاري، عوامي تحريڪ ڀٽ شاهه کان مارچ شروع ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب ڀٽ شاھ کان حيدرآباد تائين 7 ڏينھن جو درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ شروع ٿي ويو، پيادل مارچ ۾ شاهجهان خان جوڻيجو ، مظھر راھوجو، زينت سمون، ايڊووڪيٽ آڪاش رند، ايڊووڪيٽ اختيار پنھور، نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي، الطاف خاصخيلي، امداد پنھور، اعجاز سومرو، نذير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، ماجد خاصخيلي، فريد ملاح، اياز ميمڻ، محمد علي جوکيو، شڪور ناز خاصخيلي، اظهر نوح پوٽو، شيراز لاکو، نعيم خاصخيلي، خادم سمون، آغا عباس ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ھئا. ان موقعي تي اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته ڪينال سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي، وفاقي سرڪار فوري طور رٿا واپس وٺي. ٻئي طرف ڄامشورو ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سڏ تي آرٽس فيڪلٽي کان سينٽرل لائبريريءَ تائين ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلھوڙو، علي رضا جلباڻي، ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو، غلام علي زئنور، نوروز ڪلمتي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پڊعيدن ۾ عوامي تحريڪ پاران ستار رند، لال جروار، لطيف ڀٽي، ڊاڪٽر فدا حسين ڀريجو، سلام سومرو، خالد تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، حيدرآباد ۾ پاڪستان لا ايسوسيئشن سنڌ پاران ايڊووڪيٽ اياز حسين تنيو، ايڊوڪيٽ شاڪر نواز شر، نفيسا ملاح، ايڊوڪيٽ ھيبت علي چاچڙ ايڊوڪيٽ عامر ڪيريو، ايڊوڪيٽ نياز راھوڪڙو، ايڊوڪيٽ امتياز عمراڻي ، وڪيل عرفان چانڊيو ، وڪيل محب آزاد لغاري ، وڪيل ذوالفقار ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران پريس ڪلب سامهون 24 ڪلاڪن جي بک ھڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي انور بڙدي، بشير بروھي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. بدين ۾سنڌو دريا مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ تحت سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جي نيلامي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي طرفان بدين ۾ ٿر ڪول روڊ جي پير چوڪ تي ھزارين عورتن مردن ۽ ٻارڙن جو ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ڊاڪٽر احمد نوناري، شاھنواز سيال راجا خواجه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. خيرپور ۾ آل سنڌي شاگرد اتحاد طرفان ناز پائليٽ هاءِ اسڪول کان شبير جمالي، سجاد سولنگي، غضنفر جتوئي، زيد ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، خيرپور ۾ رٽائر ملازمن پروفيسر عبداللطيف راڄپر، امير گل، جاويد رسول، حزب الله گهمرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٽنڊوآدم ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران زُبير ماڪوڙاڻي، امجد اسلام ماڪوڙاڻي، محمد علي ماڪوڙاڻي، طارق عزيز ماڪوڙاڻي، عبدالقيوم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ بار ايسوسيئشن پاران 19 ڏينھن به ميھڙ ڪورٽ اندر اصغر پتوجو ، منور جتوئي ، سعيد پنھور ، ساجد چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪيو وارهه ۾ درزين پاران محسن ابڙو،جبار ڇٽو، عرفان ڇٽو، عارف تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فاضل راهو چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو.