سال 2023 ۾ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سرڪار جنهن جو وزيراعظم شھباز شريف هو ۽ پرڏيھي وزير جناب بلاول ڀٽو زرداري هو، تنھن آگسٽ 2023 ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس ترميمي ايڪٽ پاس ڪيو. ان ايڪٽ تي تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ ان وقت جي صدر پاڪستان عارف علوي صحي ڪري ان ايڪٽ کي باقاعده قانوني شڪل ڏني. آئين پاڪستان صدر کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته هو ڪو به بل پارليامينٽ کي نظرثاني لاءِ موڪلي سگهي ٿو. پارليامينٽ ڀل صدر جي اعتراضن تي عمل ڪري يا نه پر صدر نظرثاني لاءِ موڪلڻ جو آئيني اختيار رکي ٿو پر جناب عارف علوي پنھنجي ان آئيني اختيار جو استعمال نه ڪيو. اهو ايڪٽ اهو ئي آهي جنھن اڄ سموري سنڌ کي وڏي جدوجھد جي ميدان تي آندو آهي. دراصل ان ايڪٽ تحت اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو قائم ڪيو ويو. ان اداري تحت زراعت، سياحت، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جو چيو ويو. زراعت ۾ ان اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن لاءِ ملڪ جي ننڍين قومن بشمول خود جي زمين به مختص ڪئي وئي جيڪا گرين پاڪستان انيشيئٽو پرائيوٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڏني وئي آهي. انھن منصوبن لاءِ ئي سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن. تحريڪ انصاف اهڙي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ وٽ سنڌو درياهه تي نون ڪينالن خلاف قرارداد پيش ڪئي آهي. ان کان اڳ پيپلزپارٽي به سنڌ اسيمبلي مان سنڌو درياهه تي نون ڪينالن خلاف قرارداد پاس ڪري چڪي آهي. چون ٿا ته پيپلزپارٽي قومي اسيمبلي ۾ به قرارداد پيش ڪئي آهي يا اهڙو ارادو رکي ٿي. حبيب جالب جو هڪ شعر آهي ته،
سرِ منبر يه خوابون ڪي محل تعمير ڪرتي هين،
علاجِ غم نهين ڪرتي، فقط تقرير ڪرتي هين.
پيپلزپارٽي هجي يا تحريڪ انصاف يا مسلم ليگ نواز اهي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. قانوني طور تي قرارداد جي ڪا اهميت ڪونھي. پارليامينٽ طرفان پاس ڪيل بل ئي جيڪو ايڪٽ يعني قانون ٿئي ٿو اصل اهيمت ان جي آهي. هاڻي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جنھن تحت 6 نوان ڪينال ڪڍيا پيا وڃن ان اداري کي ختم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بل پاس ڪرڻ بدران سکڻيون قراردادون پاس ڪري عوامي همدردي حاصل ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياهه تي مان نڪرندڙ ڇھ اسٽريٽيجڪ ڪينال ايترا خطرناڪ ۽ سنڌ جي لاءِ قاتل زهر آهن، جن جو اندازو لڳائڻ ئي مشڪل آهي. هي چولستان رٿا بابت جيڪا ڳالھ ٻولھ ڪئي پئي وڃي، سو چولستان صرف هڪ ڪينال ناهي پر هڪ وڏو سسٽم آهي. اهو هڪ وڏو منصوبو آهي. پنجاب سرڪار ان چولستان ڪينال سان گڏ چوبارا ڪيبنال به ٺاهي پيو.
دراصل چولستان رٿا ٻن حصن ۾ آهي. چولستان جو صحرا لڳ ڀڳ 66 لک ايڪڙ ايراضي تي مشمل آهي. چولستان جو هڪ حصو گريٽر چولستان سڏجي ٿو ۽ هڪ حصو سمالر چولستان سڏجي ٿو. گريٽر چولستان جي واپڊا طرفان ڏنل پريزينٽيشن ۾ ٽي ڊيم شامل آهن جن ۾ چنيوٽ، شاه جيوڻا ۽ مڊ رانجها ڊيم شامل آهن. اهي ٽي پاڻي ذخيره چناب ندي تي آهن. ان ۾ ٻه بيراج ستلج درياه تي شامل ڪيا پيا وڃن. ڊيمن ۽ بيراجن کي لنڪ ڪرڻ لاءِ ان تي هڪ فيڊر لنڪ ڪينال ٺاهڻ جو به پلان آهي. اهو هڪ وڏو منصوبو آهي جنهن ۾ صرف انهن ٽن ڊيمن جي صلاحيت ئي ساڍا ٽي ملين ايڪڙ فوٽ آهي. جنهن کانپوءِ آهي سمالر يا ڇوٽا چولستان رٿا آهي. سمالر چولستان جو هن وقت صرف فيز ون تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ان فيز ون ۾ هڪ فيڊر ڪينال آهي جيڪو 170 کان 175 ڪلوميٽر جي لڳ ڀڳ آهي. ان کانپوءِ هڪ مروٽ ڪينال ڪڍي ويندي اها به هڪ شاخ طور هوندي.جنهن کانپوءِ ٽي لنڪ ڪينال آهن جيڪي جهلم کي ستلج تائين پاڻي آڻڻ لاءِ انهن ٽنهي جي صلاحيت وڌائي ويندي. اهڙي ريت 12 لک ايڪڙ زمين صرف سمالر چولستان جي زمين آهي جيڪا آباد ڪئي ويندي. ان صورتحال ۾ جيڪڏھن هي ملڪي اقتداري ڌريون واقعي به سنڌ جون سڄڻ آهن ته هو اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل ادارو ختم ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ بل پيش ڪن، قرارداد ان اداري کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا به اهميت نٿي رکي.