هڪ طرف سنڌ جي حڪمران جماعت چوي ٿي ته اها تڪراري ڪينالن خلاف آهي ۽ سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو پاڻ به عوامي ميڙاڪي سامهون ڪينالن خلاف نعرا هڻي اهو ويساهه ڏياري ٿو ته سنڌ کي تڪراري ڪينال ڪنهن به ريت قبول ناهن پر ٻئي طرف اها ڳالهه مشاهدي ۾ ايندي رهي آهي ته ڪئنال رٿا خلاف احتجاج ڪندڙن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. پوليس جي اهڙي تازي “واردات” اها آهي ته ميرپور بٺوري ۾ ھڙتال ڪرائڻ جو ڪيس قومپرست تنظيم جي ڪارڪنن ۽ پيپلز پارٽي جي هڪ ڪارڪن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ دولتپور ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت سرڪار جي فرياد تي 25 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ظاهر آهي ته سنڌ جي جياپي ۽ موت جي ان اهم مسئلي تي، جڏهن سنڌ جي حڪمران پارٽي پاڻ به احتجاج ڪندي هجي، اتي احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪنن تي پوليس جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ٿيڻ وارو عمل پوليس جي پنهنجي ڪارگذاري نٿو ٿي سگهي، جيڪو عمل حڪومت طرفان پرامن احتجاج جي رستي روڪ جي مترادف آهي.
سڄي سنڌ تڪراري ڪينالن خلاف سراپا احتجاج آهي. سنڌ انکي درياءَ کي ڪينالن ۾ قيد ڪري سنڌ کي بُٺ ۽ ڀڙڀانگ ڪرڻ جي سازش ٿي سمجهي. سنڌ ۾ ڪينالن جي تعمير خلاف پُر امن احتجاج جو آئيني حق استعمال ڪيو پيو وڃي، ڇو ته ملڪ جي آئين تحت هر شهري کي بنيادي حق حاصل آهن، جن ۾ اظهارِ راءِ جي آزادي، گڏجاڻي جي آزادي، ۽ پرامن احتجاج جو حق شامل آهي. اهي حق ڪنهن به جمهوريت پسند سماج لاءِ مرڪزي حيثيت رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي عوام کي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ، پنهنجا مطالبا پيش ڪرڻ، ۽ عدم اطمينان جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏين ٿا. پاڪستان جي 1973 واري آئين جي آرٽيڪل 16 تحت هر شهري کي پرامن طريقي سان گڏ ٿيڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هي شق نه صرف آئيني حق کي واضح ڪري ٿي، پر رياست تي به ذميواري وجهي ٿي ته اها شهري حقن جو احترام ڪري ۽ انهن جي حفاظت کي يقيني بڻائي. پر بدقسمتي سان، پاڪستان ۾ پرامن احتجاج جي حق کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويو آهي. جڏهن به ڪو طبقو پنهنجي جائز مطالبن لاءِ روڊن تي نڪري ٿو، ته کيس رياستي طاقت جو منهن ڏسڻو پوي ٿو يا انهن کي “امن جا دشمن” قرار ڏنو وڃي ٿو. سنڌ ۾ جنهن جماعت جي حڪمراني آهي، اها پاڻ کي جمهوريت جي چيمپيئن سڏائي ٿي، پر ويجهن سالن ۾ اسان ڏٺو آهي ته استاد، شاگرد، سرڪاري ملازم، مزدور ۽ مختلف سماجي طبقن پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪيو، پر انهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن تي رياستي طاقت جو استعمال ڪندي زبردستي احتجاج ختم ڪرايو ويو. اهو رويو نه صرف جمهوريت جي اصولن جي خلاف آهي، پر آئين جي به ڀڃڪڙي آهي. هڪ پاسي رياست پاڻ کي جمهوريت پسند ظاهر ڪري ٿي ۽ آئين ۾ شهري آزادين جي ضمانت ڏئي ٿي، ته ٻئي پاسي انهن ساڳين شهرين کي سندن آئيني حقن کان محروم ڪيو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ هن وقت ڪينالن خلاف هلندڙ احتجاج عوامي شعور جو عڪاس آهي. هونئن به ملڪ جي مڙني صوبن جي عوام جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي عوام جي اجتماعي شعور جي سطح مٿانهين آهي. حڪمرانن جي سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته، جڏهن ماڻهو پرامن احتجاج ڪن ٿا، ته اهي اصل ۾ رياست کي خبردار ڪن ٿا ته اها پنهنجين پاليسين تي نظرثاني ڪري، ڪمزورين کي ختم ڪري، ۽ عوامي مسئلن جو حل ڳولي. اهو ئي مهذب سماج ۾ تبديلي جو ذريعو بڻجي ٿو. سنڌ ۾ هلندڙ احتجاج جو مقصد به اهو آهي. ڪينالن خلاف احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪنن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ تي اسان ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي اها گهر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آهيون ته، احتجاج ڪندڙ سياسي ڪارڪنن تان دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن. اهي ڪيس اختيار جي جنهن به محور ۽ مرڪز تان داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ان جو احتساب ڪيو وڃي.