اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته اجلاس ۾ سنڌو مٿان تعمير ٿيندڙ 6 ڪينالن جا لکت ۾ تفصيل پيش ٿي ويا پر سوالن جوابن جي ڪارروائي کي ٿوري دير هلائڻ بعد ملتوي ڪيو ويو پيپلزپارٽي جي نويد قمر چيو ته سوالن جوابن جي ڪارروائي شروع ٿيڻ بعد ان کي ڪڏهن ملتوي نه ڪيو ويو آھي، اسپيڪر چيو ته نويد صاحب ائين ناھي، پهريان به سوالن جوابن جي ڪارروائي شروع ٿيڻ بعد ملتوي ٿيندي رهي آھي پي ٽي آءِ جي عامر ڏوگر چيو ته فلسطين مسئلي تي بحث شروع ڪرائڻ لاءِ سوالن جوابن جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وڃي، اسان سنڌو تي ڪينالن خلاف سڀ کان اڳ قرارداد جمع ڪرائي جنهن تي اسپيڪر چيو سياست واريون ڳالهيون نه ڪريو،گذريل سومر تي ڪينالن بابت 30 ميمبرن بحث ڪيو اوهان واڪ آئوٽ ڪري ويا هئا پيپلزپارٽي قرارداد سومر تي جمع ڪرائي مون ٻئي ڏينهن ان کي ڏٺو ۽ لکيو ته ان مامري تي بحث ٿي چڪو آھي اوهان ان بعد قرارداد جمع ڪرائي ان بعد سوالن جوابن جي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي رٿ منظور منظور ڪئي وئي جيڪا رٿ قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪئي