ڪيس ڪجهه نٿا ڪري سگهن، سنڌ جي عوام جي مافيا مان جان ڇڏائي ساهه پٽبو: مرتضيٰ جتوئي

0
16
ڪيس ڪجهه نٿا ڪري سگهن، سنڌ جي عوام جي مافيا مان جان ڇڏائي ساهه پٽبو: مرتضيٰ جتوئي
ڪيس ڪجهه نٿا ڪري سگهن، سنڌ جي عوام جي مافيا مان جان ڇڏائي ساهه پٽبو: مرتضيٰ جتوئي

مورو (ڳالهه ٻولهه: وحيد مستوئي) جي ڊي اي اڳواڻ مرتضيٰ جتوئي چيو آھي ته منھنجو سياست ڪرڻ جو ڪو به ارادو نه هو، عوام جي اسرار تي اليڪشنن ۾ حصو ورتو پر ھاڻي جيڪا صورتحال آھي سنڌ سان جنھن طريقي جو سلوڪ ڪيو پيو وڃي يا مون سان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري جيڪا زيادتي ڪئي وئي ان کانپوءِ مون فيصلو ڪيو آهي ته سياست نه ڇڏيندس ۽ هر پليٽ فارم تي پ پ ڀرپور مقابلو ڪندس، پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيستائين سنڌ جي عوام جي ھن مافيا مان جان نٿي ڇٽي تيستائين مقابلو ڪندو رهندس، هن چيو ته اسان کي نه اقتدار جي بک آھي ۽ نه ئي پئسي جي بک آھي، جھڙي حال ۾ آھيون خوش آھيون، هن چيو ته مون کان ٽي غلطيون ٿيون، ھڪ 90 ۾ بادشاهه سلامت آصف علي زرداري جي خلاف اليڪشن وڙھيس، ٻي غلطي 88 کان پ پ خلاف وڙھندو پيو اچان ۽ ٽئين غلطي اھا آھي ته سردارن، خانن، نوابن وڃي پ پ جوائن ڪئي مان ڇو ڪو نه ٿو ڪريان، منھنجو دماغ خراب ھو ته جوائن ڇو نه ٿو ڪريان، شايد دماغ سڌو ڪرڻو ھو ان ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا، ھن چيو ته اين پي پي جو وجود موجود آھي، جنھن کي فعال ڪيو ويندو ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي ڊي اي سان اتحاد ۾ آهي، ڇو ته ايڏي وڏي مافيا سان وڙھڻ لاءِ اڪيلي ھڪ پارٽي جي وس جي ڳالھه ناھي، هن چيو ته 2013 کان محسوس ٿي رھيو آھي ته سنڌ جو عوام ھنن کي پسند نٿو ڪري، سنڌ جو عوام ھنن مان بيزار آھي، منھنجي آزادي کانپوءِ جيڪو عوام گڏ ٿيو اھو انھن جي محبت ۽ سچائي ھئي، انھن کي اسان ڪا سھولت نه ڏني ھئي پر ھنن ڏٺو ته مرتضيٰ جتوئي ايڏو بردباري سان بيٺو آھي، ان کي اڪيل نه ڇڏجي، هن چيو ته ھاڻي ڀرپور مقابلو ڪنداسين ڊڄڻ وارا ناھيون ميدان نه ڇڏينداسين، سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺا آھيون، جيستائين انھن کي آزادي نٿي ملي مافيا کان تيستائين بيٺل هونداسين.