اسلام آباد: بئنچز اختيارن جو ڪيس مقرر نه ٿيڻ تي  جسٽس منصور، جسٽس عائشه ۽ جسٽس عقيل عباسي چيف جسٽس آفريدي کي خط لکي ڇڏيو، جسٽس منصور طرفان معاملو توهين عدالت قرار، ذريعن موجب جسٽس امين الدين خان کي به ٽنهي ججز  طرفان خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ بئنچ اختيارن بابت ڪيس جو ذڪر ڪيو ويو، خط ۾ چيو ويو ته جسٽس عقيل عباسي کي 16 جنوري تي بئنچ ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ٻڌي چڪو آهي، خط ۾ 20 جنوري تي ڪيس جي ٻڌڻي  لاءِ مقرر نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي وئي،خط موجب پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي ۾ 17 جنوري جي اجلاس جو ذڪر ڪيو  ويو، جسٽس منصور ڪاميٽي کي آگاهه ڪيو، ان جو نقطئه نظر رڪارڊ تي موجود آهي،جسٽس  منصور علي شاهه ڪاميٽي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو ۽ آرڊر تي عمل ڪيو، جسٽس منصور چيو ته کيس ڪميٽي ۾ پيش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته ڪاميٽي اڳ واري بئنچ جوڙي 20 جنوري تي ٻڌڻي فڪس ڪري سگهي ٿي، جسٽس منصور خط ۾ چيو ته ڪيس فڪس نه ڪرڻ، جڊيشل آرڊر کي نه مڃڻ جي برابر آهي، جسٽس منصور معاملي کي توهين عدالت ۾ به قرار ڏنو.