ڪراچي: ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي فيصلي ۾ بيگناهه ثابت ٿيڻ تي چيو ته هاڻي ڪو صلو ته ملڻ گهرجي، عدالتي فيصلي بعد ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران هن شعر پڙھندي چيو ته 8 سالن ۾ اسان 7 کان 8 سئو دفعا پيش ٿياسين، بلديه سانحي ۾ 260 ماڻھو سڙي شھيد ٿي ويا، جنهن به هن ڪيس کي لاپرواهيءَ سان خراب ڪيو، انهي جو آخري ٺڪاڻو جهنم آهي، هن وڌيڪ چيو ته هو سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير تي قائم آهيان، رئوف صديقي چيو ته فضل نالي جوابدار جيل ۾ فوت ٿي ويو پر عدالت اڄ کيس آزاد ڪيو ويو آھي،