اوڪاڙا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي ڪير به ڀت سان نه پيو لڳائي، چونڊ شيڊيول اچڻ کانپوءِ ئي چونڊ اتحاد جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي.ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي ته آصف زرداري کي چوندس ته منهنجا هٿ کوليا وڃن، اوڪاڙا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رڳو هڪ جماعت پارليامينٽ، گڏيل قومن ۽ آءِ ايم ايف ۾ حقيقي نمائندگي ڪري سگهي ٿي، پ پ ماضي ۾ به معاشي بحران کي سمجهيو ۽ ماضي ۾ هڪ سال اندر معاشي بحران جو خاتمو ڪيو. هن چيو اليڪشن ڪميشن کي درخواست آهي ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، چونڊ شيڊيول اچڻ کانپوءِ ئي چونڊ اتحاد جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي واپسي پ پ جو پراڻو مطالبو آهي، اسان کي ڪير ڀت سان نه پيو لڳائي، آصف زرداري ليول پليئنگ فيلڊ تي ڪم ڪندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جسٽس فائز عيسيٰ جو گهرواري سان گڏ حلف کڻن پاور فل ميسيج آهي، ان لاءِ نيڪ خواهشون آهن، عدليا کي عوام جو اعتماد بحال ڪرڻو آهي، ڪو پيج آئين کانسواءِ هوندو ته اسان ان تي نه هونداسين. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ن ليگ کي راجا رياض ۽ راجا رياض کي ن ليگ مبارڪ هجي.