نئين دهلي(اسپورٽس نيوز)ڪير ٿيندو ڪرڪيٽ جو نئون بادشاهه؟ آسٽريليا ۽ هندستان سڀاڻي آمهون سامهون ٿيندا، ٻئي ٽيمون ٽڪر جون آهن، پر ناقابل شڪست ميزبان ملڪ جي هن ڀيري ڪاميابي جا چانس وڌيڪ آهن، ڪينگروز به هندستان کي ٽف ٽائيم ڏئي سگهن ٿا، ڪرڪيٽ جي چاهيندڙن کي فائنل ۾ زبردست مقابلو ڏسڻ ۾ ملندو، ميگا ورلڊ ڪپ کي يادگار بڻائڻ لاءِ مختلف يادگار پروگرام ڪرايا ويندا، هندستاني وزيراعظم نريندر مودي سميت ٻين ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊز جا عهديدار، بالي ووڊ ستارا بزنس آئيڪون جي اچڻ جا به امڪان آهن. هوڏانهن هندستاني ٽيم جي آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ کانپوءِ بينگلور کان احمد آباد جي هوائي ڀاڙن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي وئي آهي. هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب 18 نومبر ڇنڇر لاءِ هڪ طرفي هوائي سفر جو ڪرايو 33 هزارن تائين وڃي پهتو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ هڪ طرف جو ڀاڙو صرف 5700 هو.