اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر امام الحق هڪ ڀيرو وري ڪپتان بابر اعظم جي حق ۾ سامهون  اچي ويو آهي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهايئندي احمد شهزاد پاران بابر اعظم کي جعلي ڪنگ قرار ڏيڻ تي امام الحق چيو ته دنيا بابر کي ڪنگ بڻايو آهي، توهان نٿا مڃيو ته نه مڃيو. هن چيو ته هو پاڪستان جو ڪپتان آهي، بابر اعظم تي تنقيد باڊي شيمنگ آهي. امام الحق وڌيڪ چيو ته بابر جي ٽيم لاءِ خدمتن ۽ ان حقيقت جو احترام ڪرڻ گھرجي ته هو 250 کان وڌيڪ ميچز کيڏي چڪو آهي، انهن انگن اکرن جو به جائزو وٺو. ان کان اڳ احمد شهزاد بابر اعظم کي جعلي ڪنگ قرار ڏيندي مٿس دوستن کي کيڏائڻ جو الزام هنيو هو.