ڪير غلط آهي ؟

0
549

ڪير غلط آهي؟ لبيڪ جا نعرا هڻندڙ هڪ مذهبي جماعت جا ڏنڊا بردار جذباتي ورڪر! جنهن جي هٿان امن امان کي بحال ڪرائڻ ۽ رياست جي رٽ کي قائم رکڻ لاءِ هڪ فرض شناس پوليس آفيسر قتل ٿي ويو، يا اهو پوليس آفيسر جيڪو پاڪستان جي انهي آئين جي مطابق ڊيوٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو. جنهن ملڪ جي آئين جو آرٽيڪل 2 چوي ٿو ته ”اسلام پاڪستان جو مملڪتي مذهب هوندو“، مطلب ته هن رياست جو مذهب اسلام آهي. جنهن رياست جو بنياد اسلام جي ٻه قومي نظريئي تي هجي ۽ جنهن رياست جي نصاب ۾ انهي جي وجود جو ڪارڻ عالم اسلام جو دنيا تي غلبو حاصل ڪرڻ لاءِ خدا جي طرفان هن رياست جو قيام عمل ٻڌايو ويندو هجي ۽ اهو آئين جو پڻ ان طرح حصو هجي ته هي ملڪ مملڪتِ خدا داد آهي، مطلب هن رياست کي خدا خلقيو آهي ۽ انهي جا شارح وري ايوان جي اندر توڙي ٻاهر اهو بيان ڪندا هجن ته هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ جو ڪو خاص مقصد آهي ته پوءِ غلط ڪير آهي، اهي مذهبي نعرو بلند ڪري رياست جي رٽ کي للڪاريندڙ مذهبي تنظيم جا ڪارڪن، يا آئين جي دائري ۾ هلندي رياست جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندي انهيءَ رياست کي للڪار ڪندڙ کي روڪيندڙ رياست جو باوردي عملدار!؟
جنهن رياست جنم ڏينهن کان وٺي اهو ئي درس ڏنو هجي جنهن جو کليل نموني اهي مذهبي جماعت جا ورڪر روڊن تي اظهار ڪري رهيا آهين ته انهي ۾ غلط ڪير آهي!؟ ڪير به جيڪڏهن ڪنهن کان اهو پڇي ته پاڪستان جي آئين ۽ انهي جي بنيادي اصولن تي ڪير آهي ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان جي آئين، رياست جي تعليمات ۽ مسلسل مذهب کي رياست سان گڏي هلائڻ جي نتيجي ۾ ڪير به صاحبِ فهم نتيجو اهو ڪڍي ٻڌائيندو ته روڊن تي عقيدي سان ڀرپور نعرا بلند ڪندڙ صحيح آهن! جڏهن رياست خود انهي بنياد تي وڌي ويجهي رهي هجي ته اها ڪيئن ڪنهن کي چوندي ته اهو مذهب جي پاسداري جو ڪم صرف رياست جو حق آهي. پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ جو ڪاروهنوار جمهوري طور طريقي سان هلندو، هاڻي جڏهن به ملڪ مان جمهوريت جو خاتمو ايندو آهي يا ڪو آمر آئين کان بالاتر ٿي انهي جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪري حڪمراني ڪرڻ لڳندو آهي ته اسين سڀ جمهوريت جا دعويدار ۽ انهيءَ جا گهڻ گهُريا اها دعوا ڪندا رهندا آهيون ته ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪريو پوءِ انهي جمهوريت جي بحالي لاءِ سياسي ميدان به گرم ٿيندا رهندا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته جمهوريت جي بحالي جي بدران ڳٺجوڙين جي اقتدار جا رستا بحال ٿي پوندا آهن. جمهوريت جهڙي تهڙي انڌي منڊي بحال ٿئي يا نه، پر پوءِ به انهي لاءِ اسان پنهنجي جدوجهد کي آئيني طور پنهنجو جائز حق سمجهندا آهيون. ڇا ساڳي طرح جڏهن پاڪستان جو آئين اسلام کي پنهنجي رياست جو آئيني مذهب سمجهندو هجي ته انهي رياست ۾ رهندڙ اهو فرد جيڪو پاڻ کي اسلام جو سپاهي سمجهي ٿو ۽ هن رياست کي اسلام جي حفاظت ڪرڻ لاءِ خدا جي طرفان خلقيل رياست سمجهي ٿو ته انهي جي طرفان مُنڪرِ اسلام جي خلاف ڪنهن قدم کڻڻ جي گهر ڪرڻ آئين جي دائري اندر آهي يا غير آئيني !؟
ممڪن آهي ته اڄ جي حالتن ۾ رياست جا ڪرتا ڌرتا انهي تي سوچڻ لاءِ مجبور ٿيا هجن ته هو رياست جا بنياد ڪن انهن عالمي اصولن تي رکن جيڪي ڪنهن به رياست کي هڪ ماءَ جو درجو ڏيارين ٿا. سياسي ۽ سماجي اصولن مطابق رياست ماءُ هجي ٿي ۽ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته رياست جيڪڏهن ڪو هڪ مذهب رکندڙ هجي ته انهي رياست ۾ رهندڙ ڪنهن ٻئي مذهب جي فرد سان اها ماءُ وارو رويو رکي سگهي؟ ٻيو اهم جيڪو ڪنهن به رياست لاءِ جز هوندو آهي اهي هوندا آهن ڪنهن به رياست جا قومي، سياسي ۽ اقتصادي مفاد. اهي مفاد ڪنهن به مذهبي بنيادن کان بالاتر هوندا آهن. مذهبي طور دنيا جي اندر ڪيترائي مسلمان ملڪ آهن پر انهن جا پاڻ ۾ رشتا ناتا لڳ لاڳاپا مذهبي بنيادن تي نه پر هڪ ٻئي سان سياسي ۽ اقتصادي بنيادن تي آهن. سعودي ۽ ترڪي پاڻ ۾ ايترا ويجها ڪونهن جيترو سعودي ۽ هندستان پاڻ ۾ ويجها آهن. ايران سان جيتري دشمني سعودي عرب جي آهي اوتري شايد ئي دنيا جي ڪنهن غير مسلم ملڪ سان انهي جي هجي. مطلب ته ڪنهن به مسلمان ملڪ جا هڪ ٻئي سان تعلقات جو سبب مذهبي ڪونهي.
ساڳي طرح اسان جي رياست هميشه انهي جو ورد ڪندي رهندي آهي ته اسلام جا دشمن اسان جا دشمن آهن. اڪثر ڪري انهي مذهبي بياد تي رياستي دوستين ۽ دشمنين جا شارح اهو بيان ڪندا رهندا آهن ته پاڪستان جا سڀ کان وڏا دشمن، آمريڪا، انڊيا ۽ اسرائيل آهن، جڏهن انهي قسم جي تعليمات ۽ تشريحات عام جام هجي ته ان جي نتيجي ۾ انهيءَ قسم جي روش پيدا ٿيڻ لازم آهي جنهن ۾ قومي سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي پاسداري ڪرڻ بجاءِ مذهبي بنيادن تي تعلقات جي گهر ڪئي ويندي هجي. هن وقت پاڪستان جي عالمي طور شناخت انتهاپسند مذهبي جماعتن جي ڳڙهه واري سمجهي وڃي ٿي. انهي سان گڏوگڏ دهشتگردي ۾ استعمال ٿيندڙ پئسن جي ڏيتي ليتي ۾ به رياست جي مٿان ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ واري تلوار لٽڪي رهي آهي مٿان وري جڏهن هڪ مذهبي تنظيم طرفان رياست جي مٿان اهو دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هجي ته ملڪ مان فرانس جي سفير کي نيڪالي ڏني وڃي ته انهي حالتن ۾ عالمي طور پاڪستان جي شڪل شبيهه ڪهڙي وڃي بيهندي؟ ڪير اهو سمجهي يا نه سمجهي پر اهو صاف نظر اچي رهيو آهي ته جنهن مذهبي هٿيار کي رياست پنهنجو فني هٿيار سمجهي رهي هئي اهو هٿيار سندن ئي خلاف خطري جو سبب بنجڻ لڳو آهي. جهڙي طرح طالبان آمريڪا جي هنج ۾ پلجي آمريڪا سميت اولهه جي ملڪن جي لاءِ خطري جو سبب بڻجي ويا ساڳي ريت هن رياست جي لاءِ به اهي هڪ چئلينج بڻجي چڪا آهن. جيتوڻيڪ رياست جي آڏو ڪا به طاقت ايتري سگهاري ٿي نه ٿي سگهي جو اها رياست کي شڪست ڏئي سگهي، پر جنهن رياست جيڪا جنونيت پاڻ پيدا ڪئي هجي اها انهي لاءِ تمام وڏو خطرو بڻجي پوندي آهي. جن عقيدن کي رياست پنهنجي آئين جو بنياد بڻائيندي آهي انهن بنيادن جي خلاف ويڙهه ڪرڻ تمام مشڪل هوندي آهي. جڏهن به ڪا مذهبي جماعت اها گهر ڪندي آهي ته هن ملڪ ۾ اسلامي شرعي نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي ته مونکي انهي جماعت جي اها گهر پاڪستان جي آئين جي تناظر ۾ درست لڳندي آهي ۽ اهو هميشه خدشو رهندو آهي ته ڇا هن ملڪ ۾ به ڪڏهن طالبان جهڙي حڪومت اچي سگهي ٿي ڇا؟جيڪڏهن رياست پنهنجي آئين جي بنيادي تمهيد ۾ ۽ آئيني نقطن ۾ تبديلي آڻي مذهب کي رياست کان الڳ نه ڪندي تيستائين اهو خوف ۽ امڪان برقرار رهندو. هي وقت آهي ته رياست پنهنجي بنيادي رياستي اصولن کي تبديل ڪري جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ جهڙي طرح اهي قوتون وڌي ويجهي رهيون آهن ۽ جنهن طرح انهن جو ڄار تيزي سان سموري ملڪ ۾ ڦهلجي رهيو آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو هڪ ڏينهن رياست انهن جي آڏو گوڏا کوڙي ويهي رهي.