لاهور (م ڊ) وقاقي وزير جاويد لطيف چيو آهي ته ڪير به عمران خان کي مُلڪ کان ٻاهر موڪلڻ جي جرئت نه ڪري. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته رياستي ادارن ۾ ويٺل ماڻهو جيڪي پاڻ سياست نٿا ڪري سگهن اهي سياست ڪرائي رهيا آهن، نوَ ۽ ڏهه مئي وارن واقعن ۾ ملوث ڪردارن جي سهولتڪاري رياستي ادارن ۾ ويٺل حاضر سروس ۽ رٽائر ٿيندڙ ڪجهه ماڻهو ڪري رهيا هئا. جاويد لطيف جو چوڻ هوته هي اهي ڪردار آهن جن 2017ع ۾ پاڪستان جي تباهي جو بنياد رکيو هو. جاويد لطيف سوال اٿاريندي چيو ته سموري دنيا جا مالياتي ادارا پاڪستان سان معاهدو نه ڪري ڪنهن جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن جو استعيفائون قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ اسپيڪر جو اختيار آهي، ٻئي ڪنهن ادار جو نه، پاڪستان سان ٿيندڙ هٿ چراند قوم قبول نٿي ڪري.