لاهور (م ڊ) مسلم ليگ نواز جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيف جسٽس طرفان ”گڊ ٽو سي يو“ جي ريمارڪس جي وضاحت تي ٽوئيٽ ڪندي سوال ڪيو آهي ته اربن جا ڌاڙا هڻندڙ ڪيترن ڏوهارين کي توهان گڊ ٽو سي يو چوندا آهيو؟ هر هڪ کي رجسٽرار کان فون ڪرائي مرسڊيز به گهرائي رخصت ڪندا آهيو؟ هن سوال ڪيو ته هر هڪ کي جيل مان ريسٽ هائوس به شفٽ ڪندا آهيو؟ سڀني تي ائين ئي رمانڊ ۾ ضمانتن جو مينهن وسائيندا آهيو؟ سڀني کي چوندا آهيو ته 10 فيملي ميمبرز کي گهرايو، ڪچهري ڪيو ۽ سمهي پئو؟ واضح رهي ته ان معاملي تي چيف جسٽس وضاحت ڏيندي چيو آهي ته مان اهو هر ڪنهن کي چوندو آهيان، مون کي ”گڊ ٽو سي يو“ چوڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.