سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) پاڪستان لٽريچر فيسٽيول سکر چيپٽر ٽو جي آخري ڏينهن صحافت جي شعبي سان تعلق رکندڙ وڏيون شخصيتون آءِ بي اي يونيورسٽي فوٽ بال گرائونڊ ۾ گڏ ٿيون، سهيل وڙائچ، وسعت الله خان، امبر شمسي، ممتاز بخاري ۽ رفعت سعيد سيشن ۾ بحث ڪيو، جڏهن ته سيشن جو ماڊريٽر اينڪر ۽ صحافي اويس منگل والا هيو، اويس منگل والا سوال اٿاريو ته ڊجيٽل ميڊيا کانپوءِ ڪهڙي تبديلي آئي آهي؟ ڇا سماج جو آواز بهتر انداز ۾ سامهون اچي رهيو آهي يا فيڪ نيوز جي ڀرمار آهي؟ ۽ روايتي ميڊيا پوئتي رهجي وئي آهي، سينيئر صحافي ۽ اينڪر سهيل وڙائچ پنهنجي ڳالهه جي شروعات هن شعر سان ڪئي ته هم چراغ آخرِ شب، هماري بعد انڌيرا نهين اجالا هي، هن چيو ته ميڊيا روايتي هجي يا ڊجيٽل، ان جو مقصد سماج کي بهتر انداز ۾ اڳتي وڌائڻ آهي، جيڪو جذبات جي بجاءِ عقل سان ڪم ڪندو اهو ئي پليٽ فارم ڪامياب ٿيندو، هن چيو ته سنڌ جو ڪئنالن متعلق مطالبو سڀني جي سامهون آهي ۽ سوشل ميڊيا تي به تمام گهڻا آواز اٿي رهيا آهن، منهنجي راءِ آهي ته ڪينال هجڻ گهرجن، ڇو ته معاهدي ۾ طئي ٿي چڪو آهي، پر ڪيترا به ڪئنال ٺاهيو اوهان وٽ پاڻي ڪٿي آهي؟ درياهه مان ڪو به ڪينال ڪڍڻ جي خلاف آهيان، هن چيو ته پنجاب جو ڪالا باغ ڊيم جو مطالبو به وڏو هو، پنجاب ۾ وڏي اڪثريت جي باوجود پنجاب کي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي احتجاج آڏو گوڏا کوڙڻا پيا، ان ڪري سنڌ جي عوام کي به گهرجي ته جذبات بدران عقل کان ڪم وٺي ۽ اهڙي مطالبي کان پاسو ڪري جنهن سان باقي صوبن کي نقصان ٿئي، جيڪڏهن توهان جا حق کسيا ويندا ته ٻيا صوبا به توهان جي حق ۾ ڳالهائيندا، سهيل وڙائچ چيو ته مريم نواز جي وڏين اخبارن ۾ وڏي خبر لڳي، خبر پڙهي مان دنگ رهجي ويس پر جڏهن غور سان ڏٺو ته پنجاب حڪومت جو لوگو لڳل هيو، سمجهي ويس ته اشتهار آهي، جنهن کي خبر نه پئي هجي اُنهن جو تاثر ڇا ويو هوندو، اِن کي فيڪ نيوز چئبو آهي، هن چيو ته اسان چئن مارشلائن کي شڪست ڏئي جمهوريت آندي آهي، جنهن ڏينهن عقل جو استعمال شروع ٿيو ته تبديلي اچي ويندي، جذبات ذريعا آهن پر عقل سان انقلاب ايندو، هِتي تاڙيون وڃاڻ، وڏا جلاس ته ٿيندا آهن پر اليڪشن وقت نتيجا الڳ هوندا آهن، اوهان ڪجهه ناهيو ڪري سگهيا، جيستائين عقل ۽ شعور جو صحي استعمال نه ٿيندو تيستائين انقلاب ممڪن ناهي، سينيئر صحافي وسعت الله خان بحث کي اڳتي وڌائيندي فيڪ نيوز جي ڦهلجڻ متعلق ڳالهائيندي چيو ته جيستائين سچ ڪپڙا پائي گهر کان ٻاهر نڪرندو آهي تيستائين ڪوڙ سڄي دنيا ۾ ٽي ڀيرا هليو ويندو آهي، ڪوڙي خبر اها خبر ناهي جيڪا ٻڌي ۽ اڳتي وڌي وڃي، پر اصل جعلي خبر ته اشتهار ۽ ايجنڊا کي خبر بڻائي ڇپائڻ آهي، هڪ جعلي تصوير جو ايترو وڏو اثر آهي ته اهو هڪ سٺو هلائيندڙ تحريڪ لاءِ خطرو بڻجي ٿو ۽ اهي جعلي تصويرون سالن تائين معلومات جي سمنڊ ۾ لاشن وانگر ترنديون رهن ٿيون، وسعت الله خان چيو ته پليٽ فارم تبديل ٿيندا رهيا آهن، پنهنجي آواز پهچائڻ لاءِ رڙ جو استعمال ٿيو، پوءِ لفظن جو، ڇاپڻ وارا خانه ٺاهيا ويا، اخبار بعد ريڊيو آيو، ٽي وي ايجاد ٿي ۽ رواتي ميڊيا کانپوءِ ڊجيٽل ميڊيا جو دور شروع ٿي ويو، هر دور ۾ ايندڙ پليٽ فارم شايد پٺين موجوده پليٽ فارم کي خطرو محسوس ڪيو هوندو، اهو ئي ٿيو جيڪو ڊجيٽل ميڊيا جي اچڻ سان ٿيو، پر ٽي وي کي ڪو به خطرو ناهي، بلڪه اڪثر ڪري ڊجيٽل ميڊيا جو مواد ايترو مضبوط آهي جو ميڊيا هاڻي ان کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ميڊيا تي ڪا به پابندي نه لڳائڻ گهرجي، ڊجيٽل ميڊيا جو ڪانٽينٽ ڇا تبديلي آڻي رهيو آهي، اويس منگل والا جي جواب ۾ سينيئر صحافي ممتاز بخاري چيو ته سرائيڪي بيلٽ تي وڏي مهم هلي رهي آهي پر هوءَ ڪنهن روايتي مين اسٽريم ميڊيا تي نظر نٿي اچي، ان تحريڪ کي ڪو به ميڊيا رپورٽ نه ڪري رهيو آهي پر اها مهم سوشل ميڊيا تي پوري زور سان هلي رهي آهي، ساڳيءَ طرح ڪيترائي ڀيرا مين اسٽريم ميڊيا بلوچستان جي حقن ۽ مسئلن جي حوالي سان خاموش هوندو آهي ۽ خبرن کي ايتري اهميت ناهي ملندي جيتري ملڻ گهرجي پر سنڌ، پنجاب، بلوچستان، پختونخواهه جا اهڙا سمورا مسئلا جن کي مين اسٽريم ميڊيا نظرانداز ڪيو آهي، انهن کي ڊجيٽل ميڊيا اڳيان آندو وڃي ٿو ۽ ان جي ذريعي عوام تائين اها ڳالهه پهچي رهي آهي، سينيئر صحافي رفعت سعيد پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته ڊجيٽل دور ۾ سڄي ڳالهه توهان جي ذهن ۾ آهي ته توهان پنهنجي پليٽ فارم کي ڪيئن استعمال ڪيو، روايتي ميڊيا به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪندي رهندي، پر هر ڪنهن کي وقت جي تقاضائن سان گڏ ڊجيٽل دور کي اپنائڻو پوندو، رفعت سعيد چيو ته ميڊيا جو پليٽ فارم ڪيترو به جديد اچي پر پرنٽ ميڊيا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، ماڻهو پرنٽ ميڊيا ڏانهن واپس ايندا، قلم جي طاقت سدائين زندهه رهندي، امبر شمسي چيو ته اڄڪلهه ڊجيٽل ميڊيا غير مرتب آهي، جنهن جو ڪو به مرڪز ناهي، هاڻي ڪو به شهري صحافي بڻجي سگهي ٿو، توهان کي صرف ٿورڙي تخليقي ذهن جي ضرورت آهي، مقامي ميڊيا ماڻهن جي مسئلن ۽ جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ جڏهن ماڻهو ان سان پنهنجو تعلق محسوس ڪري ٿو، اهو پڻ قبوليت ۽ مقبوليت حاصل ڪري ٿو، پر نقصان اهو آهي ته گمراهه ڪندڙ خبرون به بغير تحقيق جي پکڙجي وڃن ٿيون، ميڊيا جي طاقت کي چڱن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. صحافت زنده رهي پر شرارت نه ٿيندي رهي. ميڊيا سائنسز ۽ ماس ڪميونيڪيشن جي شاگردن کان علاوه، ڊجيٽل ۽ روايتي ميڊيا تي سيشن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ۽ ڳالهه ٻولهه کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو.