اسلام آباد (م ڊ) چيني ٿنڪ ٽينڪ سينٽر فار چائنا اينڊل گلوبلائزيشن جي نائب صدر مسٽر وڪٽر گاؤ چيو آهي ته دنيا ۾ ڪجهه طاقتون چين ۽ پاڪستان جي وڌندڙ دوستي نٿيون ڏسڻ چاهين. خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي مسٽر وڪٽر گاؤ جو چوڻ هو ته پاڪ_چين دوستي جا مخالف نٿا چاهين ته پاڪستان بهتر رابطن جي منصوبن سان سلهاڙجي، اهي اهو به نٿا چاهين ته پاڪستان معاشي طور تي مضبوط ٿئي ۽ هتي معاشي ترقي لاءِ ڪو آرڊينيشن هجي. سندس چوڻ هو ته ملڪن جا نالا نٿو کڻڻ چاهيان، پر سي پيڪ جي مخالفت ڪندڙ ملڪن جي لسٽ تمام وڏي آهي. توهان جا پاڙيسري بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جو حصو ناهن، اهي ضد تي آهن ته بي آڙ آءِ منصوبو اتان گذري، جتان جا اهي دعويدار آهن پر چين ۽ پاڪستان ان ڳالهه تي متفق نه آهن.  هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ پاڪستان هڪ پيج تي آهن، اسين ان کي گڏ ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته ان جا گهڻي کان گھڻا فائدا حاصل ٿين. وڪٽر گاؤ موجب پاڪستاني عوام، حڪومت ۽ فوج جا ٿورائتا اهيون جو پاڪستان چيني ورڪرز، انجنيئرن، استادن ۽ سرڪاري عملدارن جي سڪيورٽي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو. دنيا جي ڪنھن به حصي ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي ان جي خبر چين ۾ ٻيلن جي باه وانگر پکڙجندي آهي. جيڪڏهن چيني شهرين جي زندگي ضايٿ ٿئي ته اها خبر به باهه وانگر پکڙجندي آهي، ان سان بي چيني، مايوسي پيدا ٿيندي، اهو معاشي سهڪار لاءِ سٺو نه آهي.