ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور ۽ پسنديده جوڙي ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا وٽ جلد ننڍڙي مهمان جي آمد جو امڪان آهي، جوڙي طرفان اها خوشخبري انسٽاگرام تي جمع ڏهاڙي منجهند جو ڏني وئي، انسٽاگرام تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ ٻنهي پنهنجي هٿن ۾ ٻار جا جورابا کڻي تصوير شيئر ڪئي، ڪيپشن ۾ اداڪار جوڙي لکيو “اسان جي زندگين ۾ سڀ کان بهترين تحفو جلد اسان وٽ اچڻ وارو آهي”، ڪيارا آڏواڻي طرفان شيئر ڪيل ان پوسٽ تي مشهور اداڪارن به ڪمينٽ ڪيا ۽ جوڙي سميت ايندڙ ننڍڙي مهمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، واضح رهي ته ڪيارا آڏواڻي ۽ سڌارٿ ملهوترا جي شادي 7 فيبروري 2023 تي ٿي هئي.