ڪراچي(م ڊ) اسرائيل جي ايران تي حملي بعد عراق، اردن ۽ سميت ڪيترن ئي ملڪن پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون، اسرائيلي ايئر لائنز بين گورين ايئرپورٽ تان پنهنجا سمورا جهاز هٽائي ڇڏيا، ايران، عراق ۽ اردن به پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون، عمان، بيروت ۽ دمشق به پنهنجون هوائي حدون معطل ڪري ڇڏيون، اسرائيل طرفان ايران تي حملن بعد عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ به 7 سيڪڙو واڌ ٿي وئي، پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ايران ۽ اسرائيلي وچ ۾ جنگي صورتحال سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.