ڪيئن لکجي ..!

0
35
ڪيئن لکجي ..!

لکڻ جو ڪم ڪيترو ڏُکيو ۽ آسان آھي، آسان آھي يا ڏُکيو آھي يا اڃان ٻي کا شيءَ ڪو نظام، ڪا منظم عزم، ڪا خواھش، ڪو خواب يا ڪا ذھني عياشي، ڪا تعريف ڪو تاريخ يا ڪو ادب آھي؟ لکجڻ ۽ لکڻ ٻه الڳ شيون آھن. گهڻا ماڻھو چوندا آھن ته “مونکان بس لکجي ويو”! ڇا لکجي ويو؟ جيڪو لکجي ٿو، اُھو به درست پر لکڻ اڃان ٻيو عمل آھي.

 ادب ۽ ادبي ماڻھن سان جڏھن به توهان ملاقات ڪيو ته اُھو خاص ڪري لکڻ جي حوالي سان اهڙو تصور ضرور ڏيندو ته ڇا لکجي! نظم، قصيدو، آتم ڪٿا، ڪهاڻي، ناول، ڪالم، ٽيڙو، غزل، گيت، غزل يا تنقيد ۽ تاريخ؟

 اهي سڀئي ڪم محنت ۽ مشقت جا طلبدار آھن. ويهي هٿ گڏ ڪرڻ يا ڪانڀَ ڪڍي ويهڻ سان هي ڪم هرگز نه ٿيندا. دنيا ۾ ذري گهٽ سمورا ڪم ۽ عمل سنجيدگي سان ئي عظيم بڻبا آھن. بغير جدوجهد جي اُھو فڪر عمل ۽ علم اُن معاشري، ان سماج انهي علمي طبقي توڙي نظام جي هيئن کي ڪچَو ضرور ڪري ٿو.

ادب لکڻ ڪيترو اهميت ۽ حيثيت وارو آھي، اُن جو تعين علمي ۽ عملي انسان ۽ اُھي وجود ئي ڪري سگهن ٿا، جنهن پنهنجون حياتون ڄرَ ۾ جلائي ڇڏيون هونديون.

عام طور تي اهو چيو ويندو آھي ته درد لکڻ سيکاري ٿو! اردو شاعري ۾ گهڻو ماتم درد پيڙائن جي پسمنظر ۾ آھي. سنڌي شاعري ۾ به ڪجھه شاعر ڇڏي ڪري ٻين جو ذري گهٽ اهڙو ئي ڪارنامو ڪيل آھي. درد لکڻ ڪيئن ٿو سيکاري؟ گهڻا درد انفرادي هوندا آھن، اُھي نج نبار ذاتيات سان جُڙيل ھوندا آھن. انفرادي درد ادب ۾ وڏو ڇالَ نه ٿا هڻي سگهن. اُھي مخصوص ڪنهن فردِ واحد جي اداس وجود سان ٽنبيل ھوندا آھن. اُھي درد عظيم چئبا جيڪي اجتماعيت جي ترقي ۽ سڌاري جي دڳ کي سهنجو ڪري سڌو ڪري سگهن ٿا. انهن دردن پيڙائن ۾ دنيا جي عظيم ماڻھن وڏو ڪم ڪيو آھي. ٿامس ايڊيسن صفا جڏو شاگرد هو، سندس والده کي اسڪول پاران گهڻا ئي ڀيرا خط مليا ته هي ڇوڪرو اسڪول ۾ پڙھڻ جي لائق ڪونهي! هي اسڪول جو ماحول خراب ڪري ٿو. آخري خط ۾ اسڪول جي انتظاميه پاران معذرت سان ڀرپور هڪ خط موڪليو ويو! جنهن ۾ لکيل هو ته “ٿامس کي اوهان والده ئي پڙھائي سگهو ٿا، هي ڪنهن به اسڪول ۾ پڙھي سگهڻ جي قابل ۽ حالت ۾ ڪونهي”. اهڙو خط هڪ ماءُ لاءِ موت کان وڌيڪ ڀيانڪ هوندو آھي. مائرون عظيم ئي آھن. ٿامس ايڊيسن جي والده انهن پيڙائن ۾ هن کي پڙھايو اُھو بعد ۾ دنيا جو عظيم سائنسدان ثابت ٿيو. ٿامس ايڊيسن پنهنجي جڏَي دماغ کي استعمال ڪري دنيا کي روشن ڪري ڇڏيو.

دنيا ۾ اهڙا غيرمعمولي انسان ٿورا ئي سهي پر هُنن علمي عقلي ميدان ۾ پاڻ کي ضرور مڃرايو آھي.

لکڻ جا کوڙ قسم ۽ طور طريقا دنيا ۾ رائج آھن. رڳو لکڻ ادب ڪونهي ۽ نه ئي لکڻين جي معيار اهميت ۽ حيثيت کي غيرجانبدار ماڻھو ئي طئي ڪري سگهن ٿا ته هي ادب آھي يا غير ادب. ادب ڪڏندو ڪونهي.

لکڻين جي پرک پروڙ ادبي تنقيد وسيلي ئي ٿي سگهي ٿي. تنقيد جي اھميت تمام وڏي آھي. تنقيد ۽ تنقيدي شعور جو ڇهاءُ اُھو انسان ئي سمجهي سگهي ٿو جيڪو تخليقي فڪري شعوري ۽ عقلي اک رکندو ھجي. اسان وٽ تنقيد کي ادب کان پاسيرو ڪري رکيو ويو آھي، ڏٺو وڃي ته اهو ادب جو عظيم نقصان آھي! تنقيد هر نظام شعور، فڪر ۽ فن جي خمير کي سڌو ۽ سهنجو ڪري ٿي. تنقيد هڪ علمي اک ۽ دماغ آھي. هڪ اھڙو دماغ جيڪو شين کي جيئن جو تيئن قبولي نه ٿو.

هتي عام طور تي ڪتاب جي مُھاڳ کان ويندي انهي ڪتاب جي تبصري لاءِ دوستون ياريون نڀائبيون آھن! اهو ادب ڪيئن ٿيو؟ جيڪو فرمائشن جي ور چڙھيل ھجي. اُھو ادبي لکت ڪيئن ٿي جيڪو غيرشعوري هجي. اهي علمي ادبي دوستيون هرگز نه ٿيون ٿي سگهن، جيڪي غيرجانبداري کان ڪوهين ڏُور هجن. علمي دوست جو ڪم ويهي دوست جي ڪم تي گُل ٽنبڻ ڪونهي نه ئي واه واه ڪرڻ آھي، علمي دوست جو ڪم آھي ته ان کي گهربل عزت ۽ احترام ڏئي، علمي حيثيت ڏئي. جيڪڏھن ايئن ئي اهڙا سلسلا دوستي جا هلندا رھيا ته اسان جو سماج ۽ علمي سماج ٻئي وڏي نقصان لاءِ تيار رھن ۽ انهي ادب جي ڄمار ايتري نه ھوندي، اھُو ادب بگڙيل معاشري جي لاءِ هڪ ويڄ نه پر هڪ زهر جو ڪم ضرور ڪندو.

جڳ مشھور سائنسدان فلڪيات جي ماھر اسٽيفن ھاڪنگ سست علمي ماڻھن لاءِ اها ڳالھه ڪئي آھي يا ھُن پنهنجي وقت جي علمي ۽ ادبي صورتحال کي سامهون رکندي تجويز ڪئي ته “جيڪو پڙھي نه ٿو، جيڪو ڪتابن جو مطالعو ۽ ماڻھن جي ذھني فڪري ادراڪ کان واقف ڪونهي، ان کي لکڻ جي ڪا به ضرورت ڪونهي.”

اسٽفين صاحب جي خيال سان سھمٿ ٿي سگهجي ٿو الائجي نه! اِھو هر ڪنهن جو اخلاقي حق ۽ اختيار آھي.

منور ڊيل آرڪو چيو آھي ته ڏکيو ڪم پڙهڻ وارو ناهي، اصل ڏکيو ڪم لکڻ جو آهي. ڊيل جي چوڻ مطابق لکڻ آسان ڪونهي ڇاڪاڻ جو لکت حال ماضي ۽ مستقبل جي علمي ادبي سياسي سماجي ۽ ثقافتي لقائن جو عظيم مظھرَ بڻبي آھي جيئن جارج لوسبورجز چيو ته هر ليکڪ پنهنجي دور جي حالتن بابت اڳڪٿيون پيدا ڪندو آهي.

الفريوڊڊ ڪائو هڪ بهتري نقاد هو جنهن چيو ته ليکڪ ٿيڻ لاءِ زندگي کي موت کان چوري ڪرڻ آھي. اُھا زندگي ڪيئن ٿي چوري ٿئي، مطلب موت جون اذيتون ٿوريون آھن، ليکڪ جون ڀوڳنائون ڪجهه هنن کان سوَايون آھن تڏھن ته جان داس پاسوس ڪهڙي نه سٺي ڳالھه ڪئي ته جيڪو ليکڪ سٺو لکي ٿو اهو تاريخ جو معمار آهي.

جان جي ڳالھه سان سهمت ٿيڻ ضروري ۽ لازمي ناهي، پر ڳالھه ۾ وزن ضرور آھي. ڪم اهڙو ڪجي جيڪو پنهنجي وقت ۽ دور جي ڇاپ جو درجو رکي سگهي. لطيف سائين واري ڳالھه ته “وکر سو وهاءَ، پئي پراڻو نه ٿئي” اهڙو عمل ئي انسان جي فڪري شعوري ۽ عقلي حيات جي بقاءَ جو سامان بنجي سگهي ٿو.

دنيا ۾ کوڙ ماڻھو آھن، دنيا ۾ گھڻا انسان آھن پر انهن ماڻھن ۽ انسانن ۾ سڀ هڪجهڙا ۽ سمورا ذھن هڪ نه ٿيا آھن ۽ نه ممڪن آھي ٿي سگهن ٿا. فطرت ماڻھو پيدا ڪري ٿي، معاشرو ۽ علم ان کي انسان بنائڻ جي قابل ڪندا آھن. انسان مختلف مڪتب فڪر ۽ پنهنجي انفرادي جوهرَ ۾ پنهنجي دور جي ٻکن ۾ ڀرپور زندگي گذاري اڄ تاريخ جي ڪاڳرن ۾ نمايان نظر اچي رهيا آھن. انهن انسانن مان گهڻن ڏينهن رات هڪ ڪري پنهجو جيءَ جهوري پنهنجي علمي پرک پروڙ سان نتيجا ڪڍيا. ڪن ڏاهن دنيا جي علمي خزانن مان اُھي فڪري ۽ شعوري موتي داڻا ڪڍي، انهي ڪم ۾ هڪ زبردست گنجائش ڪڍي عظيم عمل ڪري ويا آھن. انهن ڏاهن لکڻ جي ڪم کي فقط پنهنجي حياتي جي آخري حصن ۾ وقت ڏنو، ڇاڪاڻ جو لکت تاريخ بنجي ٿي، لکڻ ڪا ذاتي ذھن جي عياشي يا ڪچهري ڪونهي جيڪا فضائن ۾ رلي ملي وڃي هلي! پر لکت پنهنجي دور جي تاريخ جي آڪاس جو ۽ ماضي جو بهترين آئينو ثابت ٿيندي آھي، انهي ڪري لکڻ ۽ لکت جي ڪم کي وائڙو ڇڏڻ غلط عمل ضرور آھي.

 لکت فڪر، شعور ۽ علم عقل جي حيات جي معمار هوندي آھي. لکڻ جو درجو انتهائي عظيم آھي. انکي اهميت ڏجي، ويهي رڳو لکڻ ڪم جو ناهي، جيڪڏھن هن لکت ۾ ڪو مقصد ڪا آدرش ڪو خيال ڪا مستقبل جي خواھش يا فڪر کان آزادي نه هجي! لکڻ کي پنهنجي داخلي حالتن ۽ بظاهر پنهنجي پسگردائي جي وسعت کان وسيع سمجهي ڪري لکڻ ئي لکت ۽ لکڻ جي قابل هوندو آھي. ميٽرڪ گرين چيو ته ليکڪ لاءِ ڪاميابي هميشه عارضي هوندي آهي، اها سدائين ناڪام هوندي آهي. سو

پاڻ پنهنجي ڳالھه هتي ئي ڇڏيون ٿا، متان هي به ڪنهن لکت جي کاتي ۾ نه وڃي هلي.