ڪو جو قهر “ڪُرم” ۾…..

0
36
خوف کي فتح ڪندڙ قوم کي مطيع بڻائي نٿو رکي سگهجي

خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪُرم ۾ حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون وڃن. رياست جي عملداري نه هجڻ جي ڪري ماڻهو شديد خوف ۾ مبتلا آهن. پشاور ڏانهن ويندڙ شاهراهه حڪومتي اعلانن جي باوجود اڃان تائين بند آهي. علائقي ۾، خاص طور تي پارا چنار ۾ حالتون اهڙيون آهن جو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو، نه وفاقي حڪومت معاملي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻ ۽ قدم کڻندي نظر اچي ٿي ۽ نه ئي وري خيبر پختونخوا جي صوبائي حڪومت ۾ اها اهليت آهي جو صورتحال کي ضابطي ۾ رکي سگهي ۽ دهشتگردن کي ناڪيلي وجهي سگهي. صوبائي حڪومت صرف اعلانن تائين محدود آهي. ڪالهه خيبر پختونخوا حڪومت ڪُرم ضلعي کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي اهو ٻڌايو ويو آهي ته، پارا چنار روڊ کي محفوظ بنائڻ لاءِ اسپيشل پوليس فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ چيڪ پوسٽون پڻ قائم ڪيون وينديون. ان علائقي ۾ جهيڙيندڙ ٻنهي ڌُرين ۾ ٺاهه ٿيڻ کان پوءِ شاهراهه کي کوليو ويندو. خيبر پختونخوا حڪومت رليف ايمرجنسي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. صرف اهو ئي نه پر خيبر پختونخوا حڪومت وفاقي حڪومت کي ڪُرم ضلعي ۾ ايف سي مقرر ڪرڻ جي پڻ درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

ڪُرم ضلعو، خيبر پختونخوا جي خوبصورت پر تاريخي لحاظ کان پيچيده علائقن مان هڪ آهي، جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي ۽ بدامني جي لهرن هيٺ آهي. هي علائقو جغرافيائي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو افغانستان سان سرحدون رکي ٿو ۽ مختلف قبيلن جي رهائشگاهه آهي، جن جي وچ ۾ تڪرار جي تاريخ پراڻي آهي.  پارا چنار جا ماڻهو اڍائي مھينن کان وٺي هر سهولت کان محروم آهن.  ايڌي ۽ پنجاب حڪومت جي هيليڪاپٽر سروس جي ڪري ڪجهه دوائون پهچايون ويون آهن.  حيرت اھا آهي ته ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي باوجود صوبائي حڪومت رستا نه کولي سگهي آهي. رڳو اقتدار لاءِ رونشو جاري آهي. اڄ به، پارا چنار جي خراب ٿيندڙ حالتن ۽ علائقي ۾ وڌندڙ رتوڇاڻ ۽ دهشتگردي تي نظر وجهڻ ضروري آهي ته انهن مسئلن جا بنيادي سبب سمجهي سگهجن. ڪرم ضلعي ۾ مذهب ۽ فرقيواريت جي بنياد تي پيدا ٿيل ڇڪتاڻ وڏي عرصي کان دهشتگردي ۽ رتوڇاڻ جو سبب بڻجي رهي آهي. خاص طور تي شيعه ۽ سني آبادي جي وچ ۾ عدم اعتماد ۽ تڪرار مختلف وقتن تي ڀڙڪيو آهي، جنهن کي مقامي ۽ پرڏيهي عنصرن طرفان وڌايو ويو آهي. انهن اختلافن کي شدت پسند گروپن دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو آهي، جيڪي عوام کي ورهائڻ ۽ علائقي ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. ڪُرم ضلعي ۾ حڪومت جون انتظامي ناڪاميون پڻ حالتن کي خراب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. مقامي ماڻهن جي بنيادي ضرورتن جي پورائي ۾ ناڪامي، جهڙوڪ تعليم، صحت ۽ روزگار جا موقعا، ماڻهن ۾ محرومي جو احساس پيدا ڪيو آهي. اهو احساس شدت پسندن لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري ٿو، جيڪي محروم ماڻهن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا. افغانستان سان لڳندڙ سرحد به علائقي ۾ دهشتگردي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. افغانستان مان شدت پسند عنصر ڪُرم ضلعي ۾ داخل ٿي مقامي مسئلن کي ڀڙڪائين ٿا. اهي عنصر سرحدي علائقن جي گهٽ سيڪيورٽي ۽ مناسب نگراني نه هجڻ سبب آسان هدايتون حاصل ڪن ٿا، جنهن جو نتيجو علائقي ۾ بدامني جي صورت ۾ نڪرندو آهي. ڪُرم ضلعي جي عوام کي غربت ۽ اقتصادي پسماندگي جي مسئلن سان پڻ منهن ڏيڻو پوي ٿو. روزگار جا موقعا محدود آهن ۽ نوجوانن جي هڪ وڏي آبادي بيروزگاري جو شڪار آهي. اهي حالتون شدت پسند تنظيمن لاءِ بهترين موقعا پيدا ڪن ٿيون، جيڪي بيروزگار نوجوانن کي پنهنجي صفن ۾ شامل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون. پارا چنار ۽ ڪرم ضلعي جي مسئلن جو حل هڪ مربوط ۽ جامع حڪمت عملي ۾ لڪل آهي. اول ته حڪومت کي علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فرقيواريت جي بنيادن کي ختم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. مذهبي رواداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ تعليمي مهم ۽ مقامي سطح تي ڳالهين کي هٿي ڏني وڃي. انتظامي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ خاص قدم کڻڻا پوندا. عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سان محرومين جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. گڏوگڏ سرحدي سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائي افغانستان مان ٿيندڙ مداخلت کي روڪڻ ضروري آهي. جديد ٽيڪنالاجي ۽ مناسب وسيلا استعمال ڪندي سرحدي نگراني کي بهتر بڻايو وڃي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، مقامي ماڻهن کي شدت پسند گروپن جي اثر کان بچائڻ لاءِ انهن جي سماجي ۽ اقتصادي حالت بهتر بڻائي وڃي. اهڙا قدم کڻڻ سان نه رڳو علائقي ۾ امن قائم ٿي سگهي ٿو، پر عوام جي زندگيءَ ۾ بهتري پڻ اچي سگهي ٿي. ڪُرم ضلعي ۽ پارا چنار جي عوام لاءِ هڪ روشن مستقبل تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن انهن مسئلن جو بنيادي حل ڳوليو وڃي ۽ گڏيل طور تي عملي قدم کنيا وڃن.