ڪراچي:  رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته  ڪنهن به صوبي جي پاڻي جو حصو ڪو ٻيو صوبو نٿو کڻي سگهي، 91ع واري  پاڻي ٺاھه ۾ سڀني صوبن جو پاڻي حصو واضح  ٿيل آھي، ڪالهه هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪو به صوبو پنهنجي حصي جي پاڻي مان ڪو ڪئنال ڪڍي  سگھي  ٿو ، ارسا رڳو پاڻي جي ورڇ واري فارمولي تي عمل ڪرائڻ جو ذميوار آھي،  سنڌ جي حصي جو پاڻي سنڌ تائين پھچائڻ اسانجي آئيني ذميواري آھي۔