راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي عارضي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد چيو آهي ته ڪو به رانديگر بنا ڪارڪردگي جي ٽيم ۾ شامل ناهي ٿيو ۽ ايئن نه ٿيندو ته هڪ شڪست کانپوءِ سڀني رانديگرن کي هٽائي نئين انڊر-19 ٽيم ٺاهي وڃي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس دوران عاقب جاويد چيو ته رانديگرن تي شڪست جو اثر ضرور پئي ٿو ۽ جڏهن ٽيم اميدن تي پورو نه لهندي ته سڀ کان وڌيڪ رانديگر ئي مايوس ٿيندا آهن. هن چيو ته 240 رنسن جي هدف جو دفاع ڪرڻ لاءِ لازمي طور وڪيٽون وٺڻيون پونديون، جارحاڻي راند ڪرڻي پوندي ۽ رڳو ڀارت لاءِ نه هر ميچ لاءِ منصوبابندي ڪئي ويندي آهي. عاقب جاويد جو چوڻ هو ته ڀارتي ٽيم تجربيڪار رانديگرن تي ٻڌل هئي، جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم ۾ تجربي جي کوٽ آهي. پاڪستاني رانديگرن وٽ بين الاقوامي ڪرڪيٽ جو گهٽ تجربو آهي، ڇو ته ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ انهن گهٽ ميچون کيڏيون آه، نوجوان رانديگرن کي وڌيڪ موقعا ۽ وقت ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٽيم سليڪشن بابت هڪ صحافي جي سوال تي، هيڊ ڪوچ چيو ته مڪمل اطمينان ڪڏهن به نٿو ٿئي، پر جيڪي رانديگر چونڊيا ويا، اهي بهترين هئا. عاقب جاويد جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ٽيم جي چونڊ دوران بهترين آپشنز تي غور ڪيو ۽ ڪو به اهڙو رانديگر ناهي جيڪو ڪارڪردگي کانسواءِ ٽيم ۾ آيو هجي. سندس چوڻ هو ته رانديگر في الحال ميدان ۾ نتيجا نه ڏئي رهيا آهن، پر اسان کي صبر سان بهتري آڻڻي پوندي، ڇو ته هي هڪ مسلسل عمل آهي، جيڪو روڪي نٿا سگهون. چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ بنگلاديش خلاف پاڪستان جي آخري گروپ ميچ بابت ڳالهائيندي، عاقب جاويد چيو ته بنگلاديش جي فاسٽ بالر بهترين آهن، پر اسان آخري ميچ ۾ فتح حاصل ڪرڻ جي مڪمل ڪوشش ڪنداسين.