دبئي(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف چيو آهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت خلاف ميچ لاءِ ڪنهن به قسم جو دٻاءُ ناهي. دبئي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حارث رئوف چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ به هڪ عام ميچ وانگر کيڏنداسين. هن چيو ته دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پهريان به ڀارت کي ٻن ميچن ۾ هارائي چڪا آهيون، هن ڀيري به ڀارت کي شڪست ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ خلاف ميچ ماضيءَ جو حصو ٿي وئي، هاڻي ڀارت خلاف ميچ تي ڌيان آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي غلطيون ناهن ورجائڻيون.