اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس جو مورال بلند ڪرڻ لاءِ صبح جو پوليس لائنز پهتو. گهرو وزير محسن نقوي امن امان برقرار رکڻ لاءِ اسلام آباد پوليس جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پوليس لائنز ۾ پوليس اهلڪارن کي خطاب ڪندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته 24 نومبر تي بيلاروس جو وفد ۽ 25 نومبر تي بيلاروس جو صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي اسان کي اسلام آباد شهر کي هر قيمت تي محفوظ رکڻو آهي. هن چيو ته اسلام آباد کي محفوظ رکڻ لاءِ پوليس فورس کي هڪ ٽيم جي حيثيت سان ڪم ڪرڻو پوندو. وفاقي گهرو وزير واضح ڪيو ته اسلام آباد جو امن خراب ڪندڙ هر ڪنهن کي گرفتار ڪرڻو آهي، هن ڀيري اسلام آباد ۾ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن کي به واپس نه وڃڻ ڏنو ويندو.