واشنگٽن(م ڊ) “آمريڪا ۾ ڪو به بادشاهه ناهي، ٽرمپ نڪري وڃ” آمريڪا ۾ هزارين ماڻهو نڪري آيا، مختلف رياستن ۾ وڏا وڏا مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته ڌرڻا به لڳا، پرڏيهي خابرو اداري موجب ڊونلڊ ٽرمپ جي سخت گير پاليسين خلاف نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، فلوريڊا سميت مختلف هنڌن تي به ماڻهن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. مظاهرين گو ٽرمپ گو ۽ ڊيپورٽ صدر جا نعرا هڻي رهيا هئا، آمريڪي ميڊيا موجب واشنگٽن سميت آمريڪا جي ٻين شهرن ۾ ٽرمپ خلاف مظاهرن جو سڏ 50501 موومينٽ ڏني آهي، 50501 جو مطلب 50 آمريڪي رياستن ۾ 50 مظاهرين جي هڪ تحريڪ آهي.