ٿاڻوبولاخان (ن پ ا) ٿاڻوبولاخان ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪوھستان شاخ پاران سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب محمد زمان صابرحملاڻي جي ڪتاب صداءِ ڪوھستان جي مھورتي تقريب ٿي گذري، جنھن کي سنڌ لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو خاص مھمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چيوته محمد زمان صابرحملاڻي ڪوھستان جي اڄوڪي زماني جي شاعريءَ جو نمائندو آھي. نامياري شاعر علي دوست عاجز، عزيز گوپانگ، رخمان گل پالاري، احساس ميرل، ديدار شام، اسماعيل باريجو، رمضان ميمڻ، الله جڙيو برفت، يار محمد گگو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيوته محمد زمان صابرحملاڻي جي شاعري ۾ ڪوھستان جي سماجي ريتن رسمن سان خوب نڀايو آهي. ھنن جو چوڻ ھو ته ڪوھستان جو نوجوان ادب کي زندگي سمجھي ٿو زمان حملاڻي جي ڪتاب ۾ سگھڙائپ جو انداز ملي ٿو، جنھن شاعري جي ھر صنف تي لکيو آھي. شريڪ ٿيندڙ اديبن جو چوڻ ھو ته ڪوھستان ۾ لڪل ھيرن کي تراشڻ جي ضرورت آھي ۽ ادبي ڪچھرين ذريعي ماڻھن ۾ لکڻ ۽ پڙھڻ جو شوق جاڳيو آهي جڏھن ته ان موقعي تي مشاعرن جي پڻ نشست ٿي جنھن ۾ احساس ميرل، خدا بخش وڪيجو، جمال الدين پالاري، نصير عاقلاڻي، مير خان خاصخيلي، خان سرائي، عبدالوحيد مغل، معروف خاصخيلي، اياز پالاري، شاھد موسو، رمضان ميمڻ، نماڻو نورالدين، سليم لالاڻي، معشوق حملاڻي، خادم خاصخيلي، رابيل پالاري، پٺاڻ برفت، فقير پنھل مڱڻھار، اظھر پنھل مڱڻھار، مظھر پنھل مڱڻھار ۽ ٻين نڪور شاعري پڙهي واھ واھ ڪرائي ڇڏي. سنگيت جي محفل ۾ ڀڳت بسو مل، سرور سخيراڻي، خالد ميرالي، گووندا ڪمار، درشن ڪمار، انيش ڪمار، فقير سليمان مڱڻهار ۽ ڪوھستاني راڳ مورو جي فنڪارن ڌڻي بخش پالاري، صديق باريجو، قاسم باريجو مشھور چنگ نواز ولي محمد خاصخيلي بينجي نواز نورمحمد ڪاسوٽو پڻ سازن ذريعي محفل کي جھومائي ڇڏيو.