ڪوھستان، جيڪو جاگرافيائي طور تي ڪراچي جي اتر طرف طرف جابلو علائقن ۽ ڏورانھين علائقن تي ٻڌل آھي، ٻن وڏن انتظامي يونٽن ۾ ورھايل آھي: تعلقي ٿاڻو بولا خان (ضلعو ڄامشورو) ۽ تعلقو ٺٽو (ضلعو ٺٽو). ھي علائقو قدرتي وسيلن سان مالا مال آھي، جتي معدني ذخيرا، جهنگلي جيوت ۽ تاريخي ماڳ مڪانن سان گڏوگڏ وڏي پيماني تي ھوا مان بجلي پيدا ڪندڙ ڪمپنيون آھن ۽ نوري آباد صنعتي زون بـ پڻ ڪوھستان ۾ موجود آھي، پر ھن شاھوڪار ۽ خوبصورت خطي جا مارو ماڻھو اڄ بـ بنيادي تعليم جھڙي زيور کان محروم آھن.
تعلقي ٿاڻو بولا خان جي ڪُل آبادي لڳ ڀڳ 2 لک جي قريب آھي، جڏھن ته تعلقي ٺٽي واري حصي ۾ ڪوھستان جي آبادي پڻ 1.5 لک جي لڳ ڀڳ آھي. ٻنھي تعلقن جي ملايل آبادي 3.5 لک کان وڌيڪ آھي، جن مان وڏي اڪثريت جابلو، ڏورانھين ۽ پوئتي پيل ڳوٺن ۾ رھي ٿي. سرڪاري انگن اکرن موجب، تعلقي ٿاڻو بولا خان ۽ ٺٽي واري علائقي ۾ ڪُل 900 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول رجسٽرڊ آھن، جن مان گھڻا صرف نالي ۾ آھن. مڊل اسڪولن جو تعداد 100 کان گھٽ آھي، جڏھن ته هاءِ اسڪول ته اڃا به محدود آھن. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪولن جي اڻ برابري پڻ ھن علائقي جو وڏو مسئلو آھي، ڇو ته ڇوڪرين لاءِ تعليم جا موقعا نه هجڻ جي برابر آھن. 95 سيڪڙو اسڪولن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آھي. ڪوھستاني پٽي ۾ ھن وقت وڏي ڳاڻيٽي ۾ اسڪول بند پيل آھن ۽ اڪثر اسڪول ھن وقت هڪڙي استاد تي هلن پيا، پھرين کان پنجين ڪلاس تائين 50 کان 100 ٻارن کي سڀئي مضمون پڙھائڻ نـه رڳو مشڪل ڪم آھي پر اھو ناممڪن آھي. لوئر اسٽاف جهڙوڪ چوڪيدار، مالھي، يا پٽيوالي جو ته نالو نشان ئي ناھي. جابلو ۽ انتھائي پري وارن ڏکين علائقن ۾ ٻاهريان استاد ڊيوٽي تي اچڻ کان انڪار ڪن ٿا، جتي سندن لاءِ رھائش، سميت ڪافي مسئلا آھن. اسڪول شھرن کان گهڻو پري آھن. نتيجي طور، اسڪول سڄو سال ۽ مھينن جا مھينا بند رھن ٿا. ڪوھستان ۾ تعليمي تباهي جا ڪيترا اهم ۽ بنيادي سبب آھن، جن مان ڪجهه ھيٺ ڏجن پيا:
* غيرسنجيده تعليمي پاليسيون، فنڊن جو غلط استعمال، ۽ منصوبن جو غير مؤثر نفاذ تعليمي نظام جي تباهيءَ جو وڏو سبب بڻيا آھن.
* اسڪولن ۾ استاد ۽ اسٽاف جي ڀرتين، بدلين، ۽ ترقيءَ ۾ سياسي اثر رسوخ جي ڪري ميرٽ ختم ٿي چڪي آھي، جنهن جي نتيجي ۾ نااهل ماڻهو نظام جو حصو بڻجي ويا آھن.
* تعليم کاتي وٽ موثر نگرانيءَ جو نظام ناھي. اسڪولن جي باقاعده جاچ نٿي ٿئي، جنهن سبب جعلي رپورٽون ۽ غير حاضريءَ باوجود پگهارون هلن پيون. گهڻا استاد اسڪول وڃڻ بدران ٻين ڌنڌن ۾ لڳل آھن. ڪيترن اسڪولن ۾ “گهوسٽ ٽيچرز” (فقط ڪاغذن تي موجود) مقرر ٿيل آھن.
* گهڻن اسڪولن ۾ پاڻي، واش روم، فرنيچر، بجلي، ۽ چارديواري جهڙيون بنيادي سهولتون ناھن، جيڪي تعليم جي لاءِ ضروري آھن.
* ڪيترائي اسڪول زبون حال عمارتن ۾ هلن پيا، جيڪي شاگردن لاءِ خطرناڪ آھن.
* گهڻا استاد پيشيورانه تربيت کان وانجهيل آھن، جيڪي جديد تدريس جا طريقا نٿا ڄاڻن.
* گهڻا والدين تعليم جي اهميت کان بي خبر آھن يا غربت سبب ٻارن کي اسڪول موڪلڻ بدران مزدوريءَ تي لڳائين ٿا.
* سنڌ جو نصاب پراڻو، غير دلچسپ ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن سان هم آهنگ ناھي.
ڪوھستان جاگرفيائي طور ٿر ۽ ڪاڇي کان بـه تعليمي حساب سان گھڻو پٺتي پيل آھي، تنھن ڪري سنڌ حڪومت کي ڪوھستان واري علائقي کي وڌيڪ فوڪس ڪرڻ گھرجي، تنھن ڪري ڪوھستان جي تعليمي نظام کي نظر ۾ رکندي ھتي ڪجھ تجويزون پيش ڪجن ٿيون:
- حڪومت سنڌ کي گھرجي ته ڪوھستان لاءِ الڳ ۽ خاص تعليمي منصوبو متعارف ڪرائي، جيڪو جابلو علائقن جي زميني حقيقتن تي ٻڌل ھجي.
- اسڪولن ۾ ڪتاب, فرنيچر، صاف پاڻي، واش روم، بجلي ۽ سولر سسٽم جو بندوبست ڪيو وڃي.
- ڀرتي لاءِ ٽيسٽن ۾ مقامي نوجوانن کي رعايت ڏني وڃي، يا علائقائي ڪوٽا مقرر ڪئي وڃي.
- زبون حال عمارتن جي نئين سر تعمير سان گڏ، جتي اسڪول ناھن اتي نوان اسڪول قائم ڪيا وڃن.
- مانيٽرنگ نظام کي مضبوط ڪيو وڃي. لوڪل ڪميٽين، ڊجيٽل حاضري ۽ سرپرائز دوريءَ ذريعي نگراني کي موثر بڻايو وڃي.
- ڳوٺاڻن ۾ تعليم بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ نئون نظام لاڳو ٿيڻ گھرجي، ته جيئن تعليم کي اوليت ڏني وڃي.
ڪوھستان جو تعليمي نظام اڄ به ان دور ۾ آھي، جتي رڳو عمارتون ۽ نالا آھن پر تعليم ناھي. جيستائين سنڌ حڪومت، تعليم کاتو، مقامي نمائندا ۽ ڳوٺاڻا گڏجي سنجيدگيءَ سان قدم نٿا کڻن، تيستائين ڪوھستان جا ٻار تعليم کان وانجھيل ئي رھندا. ھي صرف علائقي جو نقصان ناھي، پر مستقبل جي نسلن جو نقصان آھي. ھن ڏورانھين علائقي لاءِ هڪ خاص انقلابي ۽ غير معمولي تعليمي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي.