نوري آباد (رپورٽ: عالم پالاري) نوري آباد ويجھو ڪوھستاني زمينن تان قبضا توڙي والارون ختم نه ٿي سگھيون آهن، بااثر ماڻھن طاقت جي زور تي رات ۾ وڌيڪ سوين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري مقامي ماڻھن کي نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي هراسان ڪرڻ لڳا آهن. ان ڏس ۾ يوسي جھمپير جي ڪوھستاني ڳوٺ جان محمد برفت جي ڪيترن ئي متاثر ڳوٺاڻن پاران سندن ڪوھستاني زمينن تي بااثر ماڻھن پاران رات ۾ قبضا ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري مقامي ماڻھن کي حراسان ڪري ڏنل نقصان جي ڌمڪين خلاف احتجاج ڪيو. بخش برفت، بچندو برفت، عرس، لونگ، علي بخش، علي خان، جمع، عمر، مٺو، اشرف، محمد عيسيٰ، ميرخان، چنگيز، حاجي، يوسف برفت چيو ته يوسي جھمپير جي ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ جي ڪوھستاني روڌ مڪان ۽ کاکڙ مڪان ۾ سندن اباڻيون سوين ايڪڙ زمينون آھن، جن جي سوين ايڪڙن زمين تي بااثر شخص مير لکي قبضو ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري ڇڏيا آھن، جيڪي کين هراسان ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيئي پنھنجي ئي زمينن مان بيدخل ڪرڻ چاھين ٿا، جنھن ڪري وڏي نقصان جو انديشو آھي، ھنن چيو ته اڳ ۾ ئي ڪوھستان جي وڏي ايراضي تي قبضا توڙي والارون ڪري ڪوھستان واسين جون زمينون ڦٻايون ويون آھن، پر اسان پنھنجي ملڪيتن تي ڪنھن کي به قابض ٿيڻ نه ڏينداسين، ھنن چيو ته ساڻن ٿيندڙ زيادتين توڙي سندن ملڪيتن تي ٿيندڙ قبضن جو اڃان تائين ضلعي انتظامي ٺٽو توڙي چونڊيل نمائندن به نوٽيس ناھي ورتو، جن ڪوھستان واسين کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آھي، ھنن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪري ساڻن ٿيندڙ ناانصافين جو ازالو ڪرائي سندن زمينن تي ٿيل قبضو فورن خالي ڪرائي قبضاگيرن ۽ انھن جي قبضو ڪري ويٺل ھٿياربندن خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ مھيا ڪري سندن ملڪيتن کي محفوظ بڻائي کين بيدخل ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاءِ عدالت ۾ وينداسين.