ڪوڙي ڪيس جي ڀوڳنا

0
84
ڪوڙي ڪيس جي ڀوڳنا

آءُ زرداري فارم پريتم آباد هوس،  منجهند لڙيءَ کانپوءِ شھدادپور SHO پوليس وين ۾ سپاھه سميت آيو،  چيائين توهان کي DSP شھدادپور گهرايو آھي. مون سبب پڇيو چيائين خبر ناهي ڇا جي لاءِ ، توهان کي هلڻو آھي. اهو ڄام صادق علي وزيراعليُٰ جو دور هو. مون کي دل ۾ ڳالھه وسي وئي،  اڳ ئي محترمه بينظير ڀٽو ۽ زرداري فئملي لاءِ باھه ٻريل هئي،  آصف علي زرداري صاحب پوليس تشدد ۽ جيل ۾ ھو،  حاڪم علي زرداري صاحب لنڊن خودساخته جلاوطن هو. سياسي انتقام جي باھه ٻريل هئي. دل ۾ ڪيئي وسوسا،  ماڻھو گڏ ٿي ويا. شاهپور گهر به نه ٻڌائي سگهيس. پوليس چرڻ ئي نه پئي ڇڏي.

 پوليس موبائيل ۾ چڙھڻ بجاءِ آءُ پنهنجي ڊرائيور غلام حيدر سان فارم تي مليل جيپ ۾ چڙھي ويٺس. ايتري ۾ پوليس جي ٻي موبائل به پهچي وئي،  اڳيان پٺيان پوليس. اڳتي وري گپچاڻي ۽ سرهاري جي پوليس پنهنجي حد ڪراس ڪرائيندا ويا،  نيٺ لنڊو جي حد ۾ گاڏيون بيهاري SHO پوليس گاڏي ۾ ويهڻ لاءِ زور ڀريو. هاڻ پڪ سان پاڻ کي گرفتار سمجهيم. شھدادپور ٿاڻي تي وڏي منشي غلام قادر پلھه جي ڪوارٽر تي ويهاري ڇڏيائون. جيتوڻيڪ هن سان منهنجي گهڻي ويجهڙائپ،  سياسي نظرياتي تنظيمي ۽ گهرو ويجهڙائپ هئي . يا ته کيس منع ٿيل هئي يا کيس خبر نه هئي  پر ڪجھه به ٻڌائڻ کان نابري واريائين. رڳو ايترو ٻڌائيندو هو ته تنهنجي متعلق sp سان ۽ مٿي ڳالهائين پيا.

مون بار بار کانئن ڏوھه پڇيو پر ڪجھه نه ٿي ٻڌايائون . ٻئي ڏينهن تي چيائون تنهنجي موٽر سائيڪل پيش ڪر،  مون ڪاغذ روڪرائي اسڪوٽر گهرائي ورتو  جيڪو ڪراچي ۾ منهنجي نالي سان رجسٽرڊ ھو.  نيٺ ٽئين ڏينهن تي DSP عبدالرزاق بروهي پنهنجي آفيس۾ گهرايو  اتي اڳ ئي ڪراچي CIA پوليس موجود هئي،  هن مونکي Bike سميت انهن جي حوالي ڪيو،  مون DSP رزاق بروهي کي چيو تو مون کي ڌوڪي ۾ رکيو آھي،  تون مون تي ظلم پيو ڪرين ۽ مونکي ڪوبه ڏوھه نه پيو ٻڌائين.  ٻن ڏينهن کان منهنجي گرفتاري رڪارڊ تي ناهي،  هاڻ لکي ڏي منهنجي وارثن کي ته تون مونکي هنن حوالي پيو ڪرين،  هن الهندي ڪعبي ڏي مهڙ ڪري ڪوڙو قسم کنيو ته منهنجو ڪو قصور ناهي،  باقي انٽري جو ڪوڙو ڏٽو ڏنائين.

اها ٿاڻي جي پرچي آخر تائين نه ڏنائون جنهن تان مونکي پنهنجي هردلعزيز غلام قادر تي به ڏک پهتو. مون اٽڪل سان همراهن کي چئي ڇڏيو ته توهان چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي ٽيليگرام ڪري منهنجي گرفتاري جي پريس ڪانفرنس يا اخبارن ۾ ڏئي ڇڏيو.  CIA پوليس وارن Bike موبائل ۾ وڌي،  منهنجا ٻئي هٿ هٿڪڙي ھڻي مٿي ڏنڊي rod سان ٻڌي ڇڏيا،  گاريون، چماٽون،  ٺونشا، لتون شروع . ساهه سڪي ويو،  الائي ڇاهي الائي ڇا ڪندا ؟ سپرهاءِوي تي مون کين ايلاز ڪيا ته پيشاب لڳو آھي، ان لاءِ گاڏي بيهاريائون.  CIA سينٽر ڪلفٽن هڪ وڏي هال ۾ وڃي ڪنڊ ۾ دريءَ سان ٻڌائون. انسپيڪٽر مظفر ۽ سندس سپاھه ڇتا ڏانئڻ ھئا،  شروع ٿي ويا، اچي ماريائون، بناکون ڪڍي ڇڏيائون.  رات جو دير سان سميع الله مروت آيو  تڏهن هوم منسٽر عرفان الله مروت هو.

ڏوھ جي ڪابه خبر نه رات ڏينهن ٽارچر. مون وٽ مسواڙ تي هڪ ڪمري جي جڳھه نيلم ڪالوني ۾ ھئي،  ان تي ڇاپو هڻي منهنجي وڏي ڀاءَ نورمحمد، محمود چانڊيو عرف کٽو ۽ فارم جي ننڍي منشي علي غلام جوڻيجو جيڪو ويچارو منهنجي ڇڏائڻ لاءِ پيرصاحب ڏانهن عرض کڻي وڃڻو هو. منهنجي وڏي ڀائو محمود کي ساھه جي سخت تڪليف هئي،  هو برانڪو اسڪوپي لاءِ جاءِ تي رهيل هئا.  هاڻ ھو هڪڙو پويان بيمار،  پوليس سڀن کي کڻي آئي. هيڏانهن مونتي جسماني ٽارچر،  پيرن جي مار ڏنڊن سان ڇلي ڇڏيائون . وري ٽنگي ڇڏيائون،  وري ڪنڌ کان ڏنڊو ڏئي ٻئي هٿ پويان مٿي کان ڏنل ڏنڊي ۾ ٻڌي ڇڏيائون . منهنجي ڀاءَ نور محمد کي شابس آھي،  جيڪو سوئر منهن انسپيڪٽر مظفر کي چوندو هو  “چاهي ڪڇ ڀي ڪرو همين ڪڇ نهين هوگا.” ٻن ڏينهن کانپوءِ ھنن کي ڇڏيائون.  CIA جي ٽيم ۾ ھڪ مخبر سنڌي ڳالهائيندڙ ميسڻو حرامي گڏ ھوندو هو،

وري انتهائي هڏ ڏوکي نصيرالدين ڀنڊ کي کڻي آيا،  جنهن جو اڄ ڏينهن تائين مونکي ارمان ۽ پڇتاءَ آھي. هن کي به ڇڏيائون . هاڻ مونکي هر رات دير سان مختلف ٿاڻن جي لاڪپ تي ڇڏي ايندا هئا . مون کائڻ ڇڏي ڏنو،  ٽارچر ۾ ڪا ڳالھه سمجھه ۾ نه اچي،  پيرن ۽ دماغ جي ڏنڊي ٻڌڻ واري بيرحماڻي مار سبب يادداشت وئي هلي. ايذائن سبب منهجون دانهون ڪوڪون ڪير ٻڌي. سميع الله مروت جي نگراني ۾ اهو لقاءَ 10 ڏينهن رات جاري رهيو.

ان دوُران هڪ رات ڪنهن لاڪپ ۾ بيزار ۽ زندگي مان تنگ ٿي خودڪشي جو ارادو ڪيم،  سلوار مان اڳٺ ڪڍي هاڻ دريءَ ڏانهن وڌيس،  نگراني ڪندڙ سپاهي ڏسي ورتو ۽ لاڪپ کولي اندر گهڙي آيا پڪڙي ورتائون. ڪجھه راتين کانپوءِ صدر ۾ ٿاڻي جي لاڪپ ۾ هڪ اردو اخبار جو ٽڪرو مليو جنهن ۾ وڏي سرخي سان خبر هئي ته “ مون ميٽروپول حبيب بئنڪ ۾ ڌاڙو هڻي قتل ڪيو آھي ۽ ان ڏوھ ۾ گرفتار آھيان.”  CIA لاڪپ تي منهنجون اکيون پٽي سان ٻڌل هونديون هيون . هڪ رات جو مئجسٽريٽ آيل هو . 10 ڏينهن کان پوءِ سٽي ڪورٽ ۾ شام جي وقت پوليس وارن کان شناخت پريڊ ڪرائي،  سينٽرل جيل ڪراچي ڇڏي آيا. مونکي 12/13 ڏينهن کان ساڳيا ڪپڙا پيل هئا،  ڄنڊا وکريل ، شيو وڌيل ، گلو کليل ڄڻ ڪو بشني هجان . CIA سينٽر مان جيل وڃڻ تي پاڻ کي آزادي وانگر سمجهيم. پر جيل ماڙيءَ ۾ گهڙڻ سان اڳ ئي پڪل هئي،  جهڙتي ڏئي ، جوڙي جوڙي اوڪڙو ڪنڌ ھيٺ ڪري ويهڻ لاءِ چيائون،  مون جوڙيءَ ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو،  ڳپل دير بيهاريائون،  ڀيڏين ۽ ٽنگن کي وڍڻ واري ڏنڊا ٻيڙي هنيائون،  دل ۾ سوچيم هت به مهماني تيار آھي . جيل جو اندريون در کليو،  سپاھه ، ڳاڙھين ٽوپين وارا مقدم قيدي ، ڊپٽي ، جيلر ، صوبدار ، جمعدار سڀ. چيائون سلوار لاهي اونڌو ٿي،  انڪار ڪرڻ تي  ٻه ٽي ڦري وي ويا،  پڪڙي اڳٺ کولي ، اگهاڙو ڪري اونڌو ليٽايائون ، پوءِ ته ٻنڊڻن تي سچ پترن جي وارو وار . 50/55 کان پوءِ دانهن نڪتي، جيل ڊاڪٽر چيو هاڻ ڇڏيوس،  مونکي اٿاريائون . اڳٺ جيئن تيئن ڪري ٻڌم،  جمعدار ۽ ٻه سپاهي گڏ.  جمعدار چيو : اڳي جيل ۾ رهيو آھين ،

چيم ها،  وري چيائين ڪڏهن ڪٿي ۽ گهڻو وقت : چيم ضياءَ دوُر ، سينٽل جيل حيدرآباد ٻه سال ، چيائين ته پوءِ تون ڪاري ٽوپي آھين. وري پڇيائين ڪير مڙس آھين،  نالو ڇا ٿئي ، ٻڌايم سليمان ڏاهري آھيان. هن کان دانهن نڪري وئي،  حيرت ۽ افسوس مان چيائين سليمان ڏاهري تون آھين،  تنهنجو نالو ٻڌل آھي،  آءُ گلو مڪراني آھيان،  بند وارڊ منهنجي حوالي آھي،  ڊپٽي سپريٽنڊنٽ سرهندي توتي خاص ڪاوڙيل آھي، توکي منهنجي پارت آھي.

کيس چيم تو وٽ قيدي آھيان،  ڏنڊا ٻيڙي هٿ ۾ ھئي،  قصوري ٻيڙيءَ ڀيڏين کي وڍي ڇڏيو،  گهڻي پنڌ کان پوءِ بند وارڊ کوليءَ ۾ ٺلهي فرش تي هڪڙو کٿو ، نه سمهي سگهان ، نه ويهي سگهان  نه ڪنهن ڀر سمهي سگهان.  قيدين کي خبر پئي ڪجهھ گوريون موڪليائون . رات جو سرهندي ڊپٽي پاڻ ڏسڻ ايندو هو ته ڪا سهوليت ته نه اٿس، سڀ حاجت اندر کوليءَ ۾. هفتي کن کانپوءِ ٻين قيدين جي کوليءَ ۾ بند ڪيائون،  جيل سپريٽنڊنٽ جمال الدين مري، جيڪو شڪارپور واري ڪامريڊ دوست پريل مري جو سهرو هو،  ان جي سفارش تي ڪو خاص فرق نه پيو.  شابس آھي برادرم مشتاق نظاماڻي کي جنهن پيڇو ڪري بند وارڊ ۾ به ڪپڙا خرچ وغيره موڪليو ۽ پوئيواري ڪئي.) جاري آهي)