لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ ڪوڙي خبر ڏيڻ تي 30 لک رپيا ڏنڊ لڳندو، پنجاب اسيمبلي هتڪ عزت قانون منظور ڪري ورتو. بدنامي قانون جو بل پارلياماني معاملن واري وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن تي صحافين پريس گيلري مان احتجاجن واڪ آئوٽ ڪيو جڏهن ته اپوزيشن پڻ قانون کي رد ڪيو. بل پرنٽ، اليڪٽرونڪ ۽ سوشل ميڊيا تي لاڳو ٿيندو، جنهن تحت ڦهلائي ويندڙ ڪوڙي ۽ غير حقيقي خبرن تي بدنامي جو ڪيس ٿي سگهندو. بل يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ، ايڪس/ ٽوئٽر، فيس بڪ، انسٽاگرام ذريعي ڦهلائي ويندڙ ڪوڙين خبرن تي به لاڳو ٿيندو.