ٺٽو (رپورٽر ) شڪارپور ۾ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن تي ڪيس داخل ٿيڻ توڙي وڌندڙ بدامني خلاف جماعت اسلامي ٺٽو پاران وڪيل عبدالمجيد سمون، محرم خاصخيلي، حيدر شورو، مقبول خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ٺٽو ڪراچي قومي شاھراھه تي احتجاجي مظاھرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي وئي، جڏهن ته ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بدامني جي باھه ٻريل آھي، سنڌ جي روڊ رستن تي ڌاڙيل ۽ ڏوھاري سرعام گھمي رھيا آھن، پوليس ڏوھارين خلاف ڪاروايون ڪرڻ بدران جماعت اسلامي جي اڳواڻن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته جماعت اسلامي جي اڳواڻن تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڀرپور آپريشن ڪري ڌاڙيلن جي چنبي مان مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.