ڪوٽ لکپت جو قيدي: همتن جو هڪ نه کٽندڙ داستان

0
416
ڪوٽ لکپت جو قيدي: همتن جو هڪ نه کٽندڙ داستان

                 “هر ماڻهوءَ جي دل خوف، ڳڻتي ۽ دهشت جو هڪڙو ڪوٽ لکپت، هڪڙو شاهي قلعو ۽ هڪڙو لال قلعو آهي.”

“ڪوٽ لکپت جو قيدي” رسول بخش پليجي صاحب جي جيل ڊائري آهي. ان ڊائري جي شروعات سينٽرل جيل خيرپورميرس کان ٿئي ٿي جتي پليجي صاحب ڪجهه ڏينهن قيد ۾ گذاريا، ان کانپوءِ هڪ ڊگهو عرصو ڪوٽ لکپت جيل اندر شروع ٿئي ٿو جتي پليجو صاحب پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترائي مهينا جيل جي بند ڪمري اندر گذاري ٿو. هيءَ ڊائري همت ۽ حوصلي جو هڪ ڊگهو داستان آهي. پڙهندي ذهن ۾ خيال اُڀرن ٿا ته زندگيءَ جو سفر ڀلي ڪيڏو به ڪٺن، اڻانگو ۽ اذيتناڪ ڇو نه هجي ان سفر کي هر صورت ۾ جاري رکڻو آهي، همت ناهي هارڻي، پير پٿون ڪري به مقصد جي حاصلات لاءِ مسلسل جدوجهد جاري رکڻي آهي. ڀٽائيءَ جي بيتن جهڙي خوشبوءَ سان واسيل هيءَ جيل ڊائري پڙهندي ڪنهن ڪنهن مهل همت جواب ڏيڻ لڳي ٿي پر وري ليکڪ جو حوصلو ۽ عزم ڏسي اهڙي همت پڙهندڙ جي اندر ۾ به پيدا ٿيڻ لڳي ٿي.

جان جيئين تان جل، ڪانهي جاءِ جلڻ ري،

تتيءَ ٿڌيءَ هل، ڪانهي ويل ويهڻ جي.

پليجو صاحب نه رڳو هڪ سياستدان هو پر هُو هڪ گهڻ پڙهيو مفڪر، دانشور، اديب، نقاد ۽ هڪ انقلابي ذهن رکندڙ عالمي ليول جو ڏاهو ۽ ڀٽائي جو پارکو پڻ هو. هُو هڪ نفيس ۽ حساس دل ۽ جبلن جهڙو مضبوط حوصلو رکندڙ ماڻهو هو، ڊائري جي ورق ورق منجهان جيل جي گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ايئن چوندي نظر اچي ٿو ته:

آڏو ٽڪر ٽر متان روهه رتيون ٿئين، (شاهه)

هڪ هنڌ چوي ٿو ته: “جيڪڏهن مقصد عظيم آهي ۽ پويان ڪا ڳالهه منظم موجود آهي ته زندگيءَ جو ڪڙي ۾ ڪڙو تجربو پس پيش ماکيءَ کان مٺا نتيجا ڪڍي سگهي ٿو.”

جيل، جنهن جو تصور به عام ماڻهوءَ لاءِ ڊيڄاريندڙ ۽ دهشت پيدا ڪندڙ آهي ان لاءِ لکي ٿو ته: “مون قيد ۽ ان جي ڪيترين مجبورين، محرومين، سختين، بي واجبين ۽ عذابن کي زندگيءَ جون دستوري ۽ قدرتي شيون ڪري تسليم ڪيو آهي ۽ انهن کي معموليءَ کان وڌيڪ اهميت ڪانه ڏني اٿم.” هو اجائي ڏک، محرومين، خوف، پڇتاءَ ۽ مجبورين کي عوام دشمن زهر سمجهي ٿو. مون کي اهو پڙهي حيرت ٿي ته پليجو صاحب مايوسي ڦهلائيندڙ ادب (جيڪو ڪافڪا ۽ ڪاميو لکيو) کي رد ڪري ٿو ڇڏي. هُو انقلابي سوچ جي پرچار ڪري ٿو، جيل جهڙي ڀوائتي دنيا ۾ جتي نه چنڊ جي چانڊوڪي آزاديءَ سان پهچي سگهي ٿي نه ئي صبح جي سج جا روشن ڪِرڻا پهچي سگهن ٿا، نه ئي ٿڌيون هوائون دل کولي گهلي سگهن ٿيون، اهڙي ماحول ۾ هُو ننڍڙين ننڍڙين شين مان خوشيءَ جا خزانا هٿ ڪري وقت کي بهترين نموني گذارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪنهن مهل اخبار ته ڪنهن مهل ريڊيو تي ڪو گيت ٻڌي پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪري ٿو.

دل مضطر ڪو سمجهايا بهت هي

مگر اس دل ني تڙپايا بهت هي

تبسم ڀي ،حيا ڀي ،بي رخي ڀي

يه انداز ستم ڀايا بهت هي

رهه بستي ڪي اس جگتي سفر مين

تمهاري ياد ڪا سايا بهت هي

هو بند ڪمري اندر نه رڳو ريڊيو تي هلندڙ گيتن ۽ غزلن مان مزو وٺي ٿو پر ڪتابن جي دنيا مان پڻ ڀرپور مزا ماڻي ٿو. ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏ هُو جين آسٽن جي ناول ايما Sense and Sensibility, pride and prejudices  ۽ شيڪسپئر جي ڊرامي “ٻارهين رات” ملڻ جي خوشي ۾ لکي ٿو: “مزا ٿي ويا، ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ پراڻا وڇڙيل دوست ملي ويا، سٺا ڪتاب به بهترين دوست ٿين ٿا، انهن جي يادگيري اچي ٿي ۽ انهن سان وري ملڻ جي اڪير به ٿئي ٿي.” ڪتابن سان گڏ هُو جيل اندر ٽڙيل موتئي ۽ گلاب جي گلن جي خوشبو مان به لطف اندوز ٿئي ٿو.جيل اندر هن جي صحت به وقفي وقفي سان خراب رهي ٿي، ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڊائري جو هڪ ورق به لکي نه ٿو سگهي. گرم موسم، تتل ڏينهن، غير متوازن خوراڪ، غير صحتمند حالتون، اهڙين حالتن ۾ بيزاري ته هڪ فطري ڳالهه آهي پر هن رڪ جي ٺهيل ماڻهوءَ اڳيان اهي ڳالهيون به عام ڳالهين کان وڌيڪ اهميت نه ٿيون رکن. هُو مشهور مسلمان سائنسدانن بو علي سينا، الرازي، الڪندي، عمر خيام، ابن رشد بابت به لکي ٿو ته ٽالسٽاءِ، ٽئگور، تلسي داس، ڪبير ۽ ڪاليداس جو ذڪر به ڪري ٿو. هُو انقلابي ماڻهن جهانسيءَ جي راڻي، ڀڳت سنگهه، حضرت عيسيٰ  عه، امام حسين عه، مخدوم بلاول، شاهه عنايت، دودي سومري، دولهه درياءَ خان، منصور ۽ سرمد جو ذڪر به ڪري ٿو ته هوشوءَ، هيمون جو به، جن اونداهه ۾ جوت جلائي. هي اهي ماڻهو هئا جن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ ظالم قوتن خلاف جنگ جوٽي هئي. جيل اندر جنهن جا ساٿي اهڙا تاريخ جا امر ڪردار هجن اهو انسان نه ئي اڪيلو ٿي سگهي ٿو نه ئي مايوس.ڪوٽ لکپت جو قيدي ۾ جتي ضيائي مارشل لا جو ذڪر آهي، ايم آر ڊي تحريڪ، ڦٽڪن، ڦاسي گهاٽن، جيل جي اونداهي راتين،جلسن، جلوسن کان وٺي لٺبازي، گرفتارين جو ذڪر آهي، ملڪي صورتحال کان سواءِ عالمي سياسي صورتحال تي پڻ چڱي ڄاڻ قلمبند ڪئي وئي آهي. هن جيل ڊائري ۾ عورت جي آزادي جي احساسن کي پڻ جڳهه ڏني وئي آهي ۽ دنيا جي چئن عظيم عورتن جو ذڪر به اهميت جوڳو آهي جن ۾ هڪ آهي يونان جي شاعره سئفو، ڪشمير جي شاعره حبه، ايراني شاعره قرت العين، هندستاني شاعره ميران بائي. انهن لاءِ لکي ٿو ته: “چار عظيم انسان، چار عظيم عورتون، عظيم شاعرائون، عظيم باغي.”

ڪشميري شائره حبه چوي ٿي:

“منهنجي جوانيءَ جي بهار گذري رهي آهي تنهنجي اچڻ کان اڳ

متان چمپا جا گل مرجهائجي نه وڃن

آءٌ ڪنهن پهاڙ جي پويان ٻڏندڙ چنڊ آهيان

تون الاءِ ڪٿي ستو پيو آهين”.

هونئن ته هن ڊائري ۾ ڪيترين ئي عورتن جو ذڪر آهي. دنيا جي عورتن کان سواءِ پليجي صاحب جي گهر جون عورتون جيجي زرينه، پليجي صاحب جي امڙ، ڀيڻن حورالنساءَ، ،غلام فاطمه جو به ذڪر آهي پر هڪ ڳائڻي عورت ڦتيءَ جو ذڪر به جنهن لاءِ هُو لکي ٿو ته: “ڦتيءَ کان وڌيڪ مٺو ۽ موهيندڙ مون دنيا ۾ ڪنهن جو به آواز ڪونه ٻڌو.” دوستو! زندگيءَ جي اڻانگين راهن تي هلندي جيڪڏهن توهان ٿڪجي ۽ مايوس ٿي چڪا آهيو ته توهان کي هڪ دفعو هيءَ جيل ڊائري “ڪوٽ لکپت جو قيدي” ضرور پڙهڻ گهرجي. جيئري ئي مئلن وانگر زندگي گذارڻ کان بهتر آهي ته بهادريءَ سان بامقصد زندگي گذاري سگهجي.