ڪوٽ لالو (ن پ ا)ڪوٽ لالو ۾ وڌندڙ بدامني ۽ الرمضان سيڪنڊري اسڪول جي استاد نويد آرائين کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ٿيڻ جي واقعي خلاف اسڪول جي استادن ۽ سوين شاگردن احتجاج ڪندي مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي استاد نويد آرائين جي اڳواڻي ۾ سوين شاگردن مهراڻ هاءِ وي بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ استاد نويد آرائين ۽ ٻين جو چوڻ هو ته علائقي ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي رهي آهي ڪوبه ماڻهو محفوظ ناهي رهيو، هنن جو ڪجھه ڏينهن اڳ ڪوٽ لالو جي رهواسي عاطف خاصخيلي کان موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ٿي ۽ ڪالھه استاد نويد آرائين کان موٽرسائيڪل ڦر ٿي، پر حد جي پوليس امن بحال ڪرائڻ ۾ ناڪام ۽ خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جو ڦر ٿيل سامان ۽ گاڏيون ۽ موبائل فونون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن.