ڪوٽ لالو/پڊ عيدن(نمائندن وٽان) ڪوٽ لالو ڀرسان ڦر دوران پيڇو ڪرڻ تي مبينا ڦورن ۽ پوليس ۾ مقابلو، فائرنگ جي ڏي وٺي ۾ 2 مبينا ڦورو مارجي ويا، گولي لڳڻ سبب هڪ اهلڪار زخمي، وارثن پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻئي نوجوان ڦوتو نه پر قومپرست تنظيم جا هئا، پوليس موجب ڳوٺ محمد يوسف شر ڀرسان ڦر دوران پيڇو ڪرڻ تي ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ مبينا هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو، مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار محمد ڇلڻ راڄپر گولي لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو، پوليس موجب مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ گلزار صمداڻي راڄپر، جڏھن ته زخمي ڦورو جي سڃاڻپ شفيق صمداڻي راڄپر طور ٿي، زخمي کي نوابشاهه اسپتال نيو ويو جتي هن به دم ڏئي ڇڏيو، زخمي اهلڪار ٻڌايو ته پڊعيدن ٿاڻي جي حد مان 3 ڦورو موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيا، جن جي پويان لڳاسين ته ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ يوسف شر وٽ ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو ٿڏي تي مارجي ويو، جڏھن ته زخمي ٿيل ڦورو اسپتال ۾ دم ڏنو، هوڏانهن مارجي ويل مبينا ڦورو شفيق راڄپر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتان پڊعيڊن پوليس پوسٽ مارٽم ڪرڻ نه ڏنو ۽ لاش پڊعيڊن اسپتال منتقل ڪيو، وارثن ڪامران ۽ ٻين چيو ته اسان جا نوجوان ڦورو نه آهن، قوم پرست تنظيم سان تعلق رکندڙ هئا، پوليس ڪوڙو مقابلو ڪري ٻه نوجوان ماريا آهن، معاملي جي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.