ڪوٽ لالو (رپورٽ: رياض خاصخيلي) ڪوٽ لالو ڀرسان زمين معاملي تان مامو ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، مامي فائرنگ ڪري ٻن ڀاڻيجن کي قتل ڪري ڇڏيو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، جوابدار فرار، رپورٽ موجب ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابراهيم جٽ ۾ زمين جي تڪرار تان مامي ظفر اقبال جٽ ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ مامي فائرنگ ڪري ٻن سڳن ڀاڻيجن بلاول منير ۽ علي حسن جٽ کي زخمي ڪري ڇڏيو، ٻنهي زخمي ڀائرن کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هنن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، مقتول ڀائرن جا لاش فيض گنج اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته معمولي زمين جي ٽڪري تان مامي فائرنگ ڪري ٻن ڳڀرو نوجوانن کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن ڪوٽ لالو پوليس جو چوڻ آهي ته ٻن نوجوانن جي قتل بعد ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، پوليس موجب واقعو زمين جي معاملي تان پيش آيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.