فيض گنج (ن پ ا) ڪوٽ لالو پوليس اهلڪار پاران مهراڻ هاءِ وي تي غيرقانوني ٽول ٽيڪس لڳائي ٽرڪن ۽ ٽرالر ڊرائيورن کان ڀتو وٺڻ ۽ انڪار ڪرڻ تي ڊرائيورن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ نوٽيس وٺندي ڪوٽ لالو ٿاڻي جي 5 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي، معطل ٿيلن ۾ اي ايس آءِ انور چانگ، اهلڪار لطف چانگ، فرمان راڄپر، غلام قاسم کوکر ۽ سجاد شامل آهن، واضح رهي ته اهلڪار غير قانوني ٽول ٽيڪس قائم ڪري وڏين گاڏين کان ڀتو وصول ڪندا هئا، جنهن تان پوليس اهلڪارن ۽ ڊرائيورن ۾ ڪيترائي ڀيرا جهڙا پڻ ٿيا هئا.