ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو لڳ دڪان تي ويل نينگر سان بد فعلي، جوابدار نينگر جا هٿ پير ٻڌي ڦٽو ڪري فرار، خبر موجب ڳوٺ الله رکيو چانگ ۾ گذريل رات ديرسان 10 سالا نينگر اسلم چانگ سان ٻن جوابدارن مبينا بدفعلي ڪرڻ بعد سندس هٿ پير ٻڌي تشدد ڪري هڪ ويران جڳھه تي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، نينگر جي  رڙين تي علائقي واسي ڳوٺاڻن پهچي نينگر جا ٻڌل هٿ پير کولي ورتا، معاملي تان الزام هيٺ آيل ڌر ۽ نينگر جي وارثن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ نينگر جي امڙ ۽ ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فيض گنج اسپتال نيو ويو، نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر جي اسان دانهن کڻي وياسين ته نورمحمد، صحبت، ڪبير، احسان، قطب، هاشم، شهاب ۽ ٻين اسان تي لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن ۾ ظهيران ۽ عجيب سخت زخمي ٿي پيا، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڌر  رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نينگر سان ڪا به بدفعلي ناهي ٿي، اسان  تي ڪوڙو الزام هڻي ڪيس  ۾ ڦاسايو پيو وڃي، معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي.