ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڪوٽ غلام محمد ويجھو ڊينگاڻ ٿاڻي جي حد ديھه 223 ڳوٺ دلاور شر تي ھٿيار بندن جو گھر تي حملو، پراڻي تڪرار سبب ھڪ ڄڻو محمد حسن شر گوليون لڳڻ ڪري مارجي ويو، ھٿيار بند واقعي بعد فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع ڊينگاڻ پوليس کي ڏنو ويو، پوليس پھچي مقتول محمد حسن شر جي لاش کي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پھچايو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مقتول جي مڙهه کي ايمبولينس ذريعي ڳوٺ دلاور شر آندو ويو، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ھوڏانھن واقعي جو اطلاع ملندي ئي ڊي ايس پي ڊگھڙي مير آفتاب ٽالپر، ايس ايڇ او ڊينگاڻ عابد حسين زرداري ڳوٺاڻن سان گڏجي پيرا کنيا، پر ڄاڻو ذريعن موجب جوابدارن جو پتو نه پئجي سگھيو، جڏھن ته ڊينگاڻ پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آھي، فريادي ڌر ٿاڻي تي ايندي ته ڪيس داخل ڪري ڪارروائي ڪنداسين.