ڪوٽ غلام محمد(ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ سيد غلام رسول شاھه ديھه321 جي رھواسي جوڙي 17سالن جي انيتا ڌيءُ ڦوٽو سولنگي ۽ 18سالن جي ليکراج پٽ ڪائونسلر ھيرو ڪولھي ڄمون جي وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪري ڇڏيو، پوليس لاش مزدا ۾ کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، ان حوالي سان ناري انيتا سولنگي جي پيءُ ڦوٽو سولنگي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي ڌيءَ پاڻ خودڪشي ڪئي آھي، اسان جي ڪنھن سان به دشمني ناھي، نوجوان ليکراج ڪولھي جي پيءُ ڪائونسلر ھيرو ڪولھي چيو ته منھنجي پٽ پاڻ خودڪشي ڪئي، ڪنھن به کيس قتل ناھي ڪيو، اسان کي ڪنھن تي به شڪ ناھي، ھوڏانھن ايس ايچ او ڪوٽ غلام محمد فرمان اگھيم ٻڌايو ته واقعو آپگهات لڳي رهيو آهي، وري به جاچ ڪئي ويندي، جڏھن ته علائقي ۾ چوٻول آھن ته انيتا سولنگي ۽ ليکراج ڪولھي ھڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا.