ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ: علي غلام کوسو) ڪوٽ غلام محمد شھر  جي ميرپورخاص – ڪوٽ غلام محمد مين روڊ تي سوئي گيس فلينگ اسٽيشن ويجھو بيٺل پٿرن سان ڀريل ٽرڪ سان ڪار ٽڪرائجڻ  سبب ڪار سوار ڪوٽ غلام محمد شھر  واسي عرفان قائمخاني ۽ سندس زال مسمات ناظمان ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏھن ته سندن 12 ورهين جو پٽ حماد قائمخاني ۽ ڪار ڊرائيور عبيدالرحمان ولد قاري عبدالرحمن ڪمبوهه زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پھچي لاش ۽ زخمين تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد پھچايو، زخمي حماد قائم خاني ۽ ڪار ڊرائيور عبيدالرحمان ڪمبوهه کي انتھائي ڳڻتي جوڳي حالت ھئڻ ڪري حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو جتي ڪار ڊرائيور عبيدالرحمان ڪمبوهه زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، جڏھن زخمي حماد قائمخاني جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي پئي، ھوڏانھن حادثي جي فوتين زال ۽ مڙس جا  مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو،  ٻڌايو وڃي پيو ته عرفان قائم خاني سندس گھر واري پنھنجي پٽ حماد جو ڪراچي اسپتال مان علاج ڪرائي واپس ڪوٽ غلام محمد شھر  پنھنجي گھر  اچي رھيا ھئا ته شھر جي سوئي گيس فلينگ اسٽيشن ويجھو  اھو حادثو پيش آيو، جڏھن ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.