ڪوٽ غلام محمد(ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد جي ڊينگاڻ رستو شھر لڳ مھاجر ڳوٺ ۾ ڪوٽ غلام محمد سامارو مين روڊ تي تيز رفتار شھزور گاڏي جي ٽڪر لڳڻ سبب 14 ورھين جو نينگر زين ولد اسماعيل جٽ فوت ٿي ويو نينگر جو مڙهه وارث تعلقه اسپتال سامارو کڻائي ويا جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي جڏھن ته واقعي بعد فوتي نينگر جي گھر ۾ ڪھرام متل مچي ويو آھي ٻي پاسي پوليس ڊرائيور کي گرفتار وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي