ڪوٽ غلام محمد(ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد جي جمڙائو ڪئنال ۾ ڪرڻ سبب 20سالن جو نوجوان آڪاش پٽ جيوراج ڪولھي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو جڏھن ته مائٽن پاران ڪافي ڳولا کانپوءِ لاش کي جمڙائو ڪينئال مان ڪڍي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پھچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، جڏھن ته ٻڌايو ٿو وڃي ته پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿيل نوجوان 20سالن جو آڪاش ڪولھي ديھه 332 جمڙائو ڪئنال جي ڍاڪي ۾ رھندڙ پنھنجي ڀيڻ جي گھر آيل ھو، جڏھن ته سندس والدين ميرپورخاص ۾ رھندا آھن، نوجوان جي ٻڏي فوت ٿيڻ جي خبر پھچڻ تي گهر ۾ ڪھرام مچي ويو.