ڪوٽڏيجي/چونڊڪو (نمائندن وٽان) ڪوٽڏيجي ويجهو ڪوٽ بنگلو ۽ چونڊڪو ۾ ڊرگ انسپيڪٽر ۽ اي سيز جا ڇاپا، 5 ميڊيڪل اسٽور سيل، مدي خارج دوائون هٿ، خبر موجب ڪوٽ بنگلي شهر ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي ڊرگ انسپيڪٽر الطاف بوزدار ۽ اي سي ڪوٽڏيجي ڇاپا هڻي ميڊيڪل اسٽورن جا لائسنس چيڪ ڪيا، جنهن دوران لائسنس ايڪسپائير هجڻ تي 5 کان وڌيڪ ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صحت لاءِ حاڃيڪار ۽ غير معياري دوائن جي چڪاس لاءِ سمپل پڻ کنيا، عملدارن چيو ته غير معياري ۽ لوڪل ڪمپنين جون دوائون هلڻ جون شڪايتون ملڻ تي ڪارروائي ڪري اهڙيون دوائون ضبط ڪيون آهن، هوڏانهن چونڊڪو شهر ۾ قائم ميڊيڪل اسٽورن تي اي سي ۽ ڊرگ انسپيڪٽر الطاف بوزدار ڇاپا هڻي وڏي مقدار ۾ مدي خارج دوائون هٿ ڪري ورتيون، جڏهن ته ايڪسپائر دوائون وڪرو ڪندڙ اسٽور مالڪن کان ڏنڊ پڻ وصول ڪيو، ڊرگ انسپيڪٽر چيو ته عدالتي حڪم تي ميڊيڪل اسٽورن تي ڇاپا هنيا.