ڪوٽڙي (رپوٽر) ڪوٽڙي ۾ گندگي ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف مظاهرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ وڌندڙ بدامني، ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ ۽ ٻين بينادي مسئلن جي حل نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڊي سي ڄامشورو جي  آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. خالد ڀٽي، مير بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي ميونسپل ٻولهاڙي پاران ڊي سي آفيس اڳيان هنيل ڌرڻي  دوران اڳپاڻن جوبڇوڻ هيو ته ڄامشوري ضلعي جي ٻوڏ متاثرين جي واھر نه پئي ٿئي، متاثرين دربدري واري زندگي پيا گذارين، اي سي ڪوٽڙي رڳو لسٽو ٺاهي متاثرن لي ڪوڙا ڏٽا ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته شهر جي سمورم علائقن ۾ بدامني بهڀچوٽ چڙھي وئي آھي، روز ڦرن چورين ۽ قتل جو وارداتون ٿي رھيون آھن پر پوليس اگھور ننڊ پيل آھي ته جڏھن سائيٽ ايريا جا ٻيا بنيادي مسئلا پڻ حل نٿا ڪيا وڃن . اڳواڻ جو چوڻ هيو ته متاثرين جي واھر ڪري ۽ ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال بھتر ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سڄي ضلعي اندر احتجاج ڪيا ويندا. ٻئي پاسي شھر جي مختلف علائقن مان گٽرن جو گندو پاڻي  نيڪال نه ڪرڻ توڙي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف شهرين طرفان شهر مان پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي ميونسپل ڪاميٽي ڪوٽڙي آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو، شهرين پارا ايڊمنسٽريٽر عمران گهمرو کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شهرين عمران ڪلوئي، حفيظ سومرو، منصور راهپوٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي جي مختلف وارڊن ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان گٽرن جو پاڻي بيٺل آهي، سنورو شهر گندگي جي وڙ چڙهيل آهي پر هتي جڏھن کان ايڊمنسٽريٽر عمران گھمرو مقرر ٿيو آهي تڏهن کان شهر نڌڻڪو بڻيل آهي ۽ ڪابه صفائي نٿي ٿئي، شهري ٻٽي عذاب کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي سٿرائي ڪري ايڊمنسٽريٽر عمران گهمرو کي فوري طور عهدي تان ھٽايو وڃي.