ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي ڪارڪنن تڪراري ڪئنال رٿا خلاف ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي ڀٽائي ڪالونيءَ کان عمران جهتيال، رستم سوڍر، عبدالواحد لاشاري، ايڊووڪيٽ امتياز منگي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڪوٽڙي ڦاٽڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن جو چوڻ هو ته سنڌو درياھه مان چولستان سميت نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ تباھه ٿي ويندي ۽ سنڌين جو وجود به خطري ۾ پئجي ويندو. هنن مطالبو ڪيو ته حڪمران بنا دير ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي سنڌ ۽ فطرت دشمني بند ڪن. نوجوان ناري مبينا طور اغوا، اغوا ٿيل ناري جي مڙس پاران زال کي ھٿياربند اغوا ڪري کڻي وڃڻ جو ڪيس داخل، ناري پاران نوجوان سان پيار پرڻي لاءِ نڪري وڃڻ جا چوٻول.