ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي جي سائيٽ جي علائقي خدا جي بستيءَ ۾ 19 مارچ تي پُراسرار نموني پنهنجي گهر ۾ فوت ٿيل ٻن ٻارن جي ماءُ زينب آرائين جي قتل جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته مقتول ناري زينب جي ڀاءُ جميل آرائين ڪوٽڙي ٿاڻي تي ناريءَ جي مڙس جان شير راجپوت خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته ڀيڻ زينب کي سندس مڙس جان شير راجپوت تشدد بعد زهريلي شيءِ پياري ۽ گهٽا ڏئي قتل ڪيو. فرياديءَ موجب هو جڏهن ڀيڻ جي گهر پهتا ته سندس نڪ مان رت وهي رهيو هو، ڀيڻ زينب فوت ٿيڻ کان اڳ ٻڌايو ته سندس مڙس جان شير کيس مارڪٽ ڪرڻ ۽ گهٽا ڏيڻ سميت کيس ڪا زهريلي شيءِ زبردستي پياري آهي. ياد رهي ته ناري زينب راجپوت 19 مارچ تي ڪوٽڙي سائيٽ جي خدا جي بستيءَ واري علائقي ۾ پنهنجي گهر ۾ پراسرار نموني فوت ٿي وئي هئي، جڏهن ته فوتي ناريءَ جي وارثن ناريءَ جي مڙس جان شير راجپوت ۽ سهري تي قتل جو الزام هنيو هو، جنهن بعد پوليس ناري زينب آرائينءَ جي قتل جي شڪ ۾ سندس مڙس جان شير راجپوت کي گرفتار ڪري ورتو هو.