ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙي جي مختلف ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي بدترين بحران ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيمون غير فعال هئڻ خلاف رهواسين علامتي طور تي گڏھ بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪري پاڻي جي فراهمي فوري طور تي بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. نوجوان تحريڪ پاران شهباز ميمڻ، عبدالستار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪري پاڻي فراهمي لاءِ زوردار نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي رهواسين جو چوڻ هو ته ڪوٽڙي سائيٽ ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ سبب 12 کان وڌيڪ ڪالونين جا رهواسي پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ سخت پريشان آهن. 3 هزار وارو پاڻيءَ جو ٽينڪر 5 هزار رپين تائين پهچي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي لائينن ذريعي پاڻي ڏئي علائقي واسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.