ڪوٽڙي(رپورٽ: يوسف سارنگ) ڪوٽڙي پوليس خانگي ٽيڪسٽائيل مل ۾ پورهيت کي ڪٽنب سميت ناحق باندي بڻائڻ واري معاملي کي ڊرامو قرار ڏئي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، عدالت پوليس رپورٽ تي ناحق باندي بڻائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، جڏهن ته پورهيت طرفان اڄ عدالتي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪوٽڙيءَ جي صنعتي زون ۾ واقع هڪ خانگي ٽيڪسٽائيل مل جي انتظاميا پاران مل جي رهائشي ڪوارٽر ۾ مبينا طور تي باندي بڻايل پورهيت اسماعيل شاھه کي بازياب ڪرائڻ کانپوءِ پوليس ڄامشوري جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جڏهن ته پوليس عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته پورهيت اسماعيل شاھ جو مل انتظاميا سان رهتن جي وصولي ۽ رهائشي ڪوارٽر خالي ڪرڻ واري معاملي تي تڪرار هلندڙ هو، مل انتظاميا طرفان کيس ناحق باندي بڻائڻ جي ڪابه شاهدي ناهي ملي، جڏهن ته پورهيت اسماعيل شاھه اهو سڄو عمل مل انتظاميا تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪيو، جنهن بعد عدالت ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ پورهيت اسماعيل شاھه کي ناحق باندي بڻائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. هوڏانهن پورهيت اسماعيل شاھه موجب هو عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪندو. هن الزام هڻندي چيو ته ٽيڪسٽائيل مل انتظاميا کيس ڪٽنب سميت ناحق باندي بڻائي اذيت پهچائي آهي پوليس مل انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري رپورٽ ٺاهي آهي، تنهنڪري هو عدالتي فيصلي تي نظرثاني ۽ ٽيڪسٽائيل مل جي عملدارن تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اڄ عدالت ۾ درخواست داخل ڪندو. هوڏانهن ڪوٽڙي پوليس رابطي تي ٻڌايو ته پورهيت اسماعيل شاھ سميت ڌرين کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد ناحق باندي بڻائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. واضح رهي ته ڪوٽڙيءَ ۾ واقع هڪ خانگي ٽيڪسٽائيل مل جي هڪ رهائشي ڪوارٽر مان ٻه ڏينهن اڳ پوليس عدالتي حڪم تي ڪارروائي ڪري مبينا طور تي باندي بڻايل پورهيت اسماعيل شاھه کي سندس زال ۽ پنجن ٻارن سميت بازياب ڪرايو هو، جن کي ڪالھه عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد ناحق باندي بڻائڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي.
مل انتظاميا اڳ به 600 پورهيت برطرف ڪري رهتون روڪيون
ڪوٽڙي: پورهيت کي ڪٽنب سميت ناحق باندي بڻائڻ جي الزام هيٺ آيل خانگي ٽيڪسٽائيل مل جي انتظاميا ڪجھه مهينا اڳ اٽڪل 600 پورهيتن کي بلاجواز نوڪرين تان برطرف ڪري سندن رهتون روڪي ڇڏيون هيون، جڏهن ته پورهيتن طرفان جبري برطرفي خلاف ۽ رهتن جي ادائيگيءَ لاءِ ٽيڪسٽائيل مل جي گيٽ آڏو احتجاج ڪرڻ دوران پورهيتن تي حملو پڻ ٿيو، جنهن ۾ ڪجھه پورهيت زخمي ٿيا هئا، جڏهن ته ڪوٽڙي ٿاڻي تي ڄاڻايل ٽيڪسٽائيل مل جي ڪجھه عملدارن خلاف پورهيتن تي حملي جي ايف آءِ آر پڻ داخل ڪرائي وئي هئي.
ڪوٽڙي: ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل خانگي ٽيڪسٽائيل مل جي انتظاميا طرفان ليبر قانونن جي ڀڃڪڙي پڻ معمول بڻيل آهي، جڏهن تهٽيڪسٽائيل مل ۾ غيرقانوني ٺيڪيداري نظام هئڻ سبب پورهيتن کي گريجوئٽي، بونس ۽ ميڊيڪل سميت ليبر قانون تحت ڪنهن به قسم جي سهولت نٿي ڏني وڃي. ذريعن موجب مل انتظاميا طرفان ليبر قانونن تحت سهولتن جي گهر ڪندڙ پورهيتن کي مختلف بهانن سان تنگ ڪري کين نوڪرين تان برطرف ڪرڻ پڻ معمول بڻيل آهي. هوڏانهن متاثر پورهيتن طرفان ليبر کاتي ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد جي عملدارن کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود ليبر کاتي جي عملدارن ڄاڻايل ٽيڪسٽائيل مل جي انتظاميا خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي.