ڪوٽڙي(رپورٽر) ٻولهاڙي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي 12 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيمون فعال هجڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ طرفان ڊي سي ڄامشورو جي آفيس آڏو قائم ڪيل 72 ڪلاڪن واري احتجاجي ڪئمپ ڪلھه به جاري رکي، جڏهن ته ٻن ڏينهن کان هلندڙ احتجاجي ڪئمپ تي مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پهچي يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ايس يو پي جي اڳواڻن خدا بخش ٿيٻو، درياءَ خان لغاري، خالد لاشاري، مير مرتضيٰ رند، قومي عوامي تحريڪ جي اعجاز سومرو، قومپرست اڳواڻن لونگ ملاح، قادر آزاد پنهور ۽ ٻين چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهليءَ سبب ميونسپل ڪاميٽي ٻولهاڙيءَ تي ٻڌل ڪوٽڙي سائيٽ جي 12 کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سخت کوٽ آهي، جنهنڪري پورهيت ماڻهو ڳري اگھه تي ٽينڪرن ذريعي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. هنن چيو ته ڊي سي ڄامشورو طرفان سستي اگھ تي ٽينڪر فراهم ڪرڻ ۽ واٽر سپلاءِ اسڪيمون فعال ڪرڻ جي واعدن تي پڻ عمل ناهي ٿيو. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير واٽر سپلاءِ اسڪيمون فعال ڪري عوام کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن ڊي سي ڄامشورو غضنفر قادري ايس يو پي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري واٽر سپلاءِ اسڪيمن جي بحاليءَ جي تحريري خاطري ڪرائي، جنهن بعد 72 ڪلاڪن واري احتجاجي ڪئمپ ڪالھه ٻئي ڏينهن تي ئي ختم ڪئي وئي.