ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ پورهيتن جي جبري برطرفين خلاف خانگي ٽيڪسٽائيل مل جي مُک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو، بااثرن مظاهرين تي مبينا حملو ڪري مارڪٽ ڪئي، پورهيتن حملي خلاف ٺٽو- حيدرآباد روڊ تي ٻيهر ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ڪوٽڙي سائيٽ جي خانگي ٽيڪسٽائل مل جي انتظاميا طرفان پورهيتن کي جبري طور برطرف ڪرڻ خلاف ورڪرز ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي پورهيتن ۽ سياسي سماجي ڌرين ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي ڀٽائي ڪالونيءَ کان ديدار شام، نياز ڪابورو، عاشق علي، علي اصغر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ٻه ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري خانگي مل جي مُک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، جڏهن ته احتجاج دوران پورهيت رهتن جي ادائيگيءَ ۽ نوڪرين تي بحاليءَ لاءِ نعريبازي ڪندا رهيا. ٻئي پاسي ٽيڪسٽائل مل جي بااثر ٺيڪيدار پاران ساٿين سميت احتجاج ڪندڙ پورهيتن تي مبينا حملو ڪري پورهيتن سميت احتجاج ۾ شامل جسقم اڳواڻ ديدار شام ۽ پ پ جي مقامي اڳواڻ نياز ڪابورو کي پڻ مارڪٽ ڪئي وئي، جهيڙي دوران علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پورهيت مبينا حملي بعد ريلي جي صورت ۾ ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي تي پهتا پر پوليس پورهيتن جي بااثرن خلاف اين سي رپورٽ داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد پورهيتن سميت سياسي سماجي اڳواڻن ٺٽو- حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ مڪمل بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهنڪري روڊ جي ٻنهي پاسي گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ٻن ڪلاڪن جي احتجاج کانپوءِ پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته مل جي بااثر ٺيڪيدار پنهنجا ذاتي ماڻهو وٺي پوليس جي موجودگيءَ ۾ پرامن احتجاج تي حملو ڪيو پر پوليس حملو ڪندڙ بااثرن خلاف اين سي رپورٽ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هنن وڌيڪ چيو ته ٽيڪسٽائل مل انتظاميا 600 کان وڌيڪ پورهيتن کي بلا جواز برطرف ڪري کين بيروزگار ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڊي سي ڄامشورو ۽ ليبر کاتي جون اختياريون نوٽيس وٺي برطرف پورهيتن کي نوڪرين تي بحال ڪرائن، جيڪڏهن پورهيتن کي نوڪرين تي بحال نٿو ڪيو وڃي ته کين قانون تحت رهتون ادا ڪيون وڃن.