ڪوٽڙي(رپورٽر) ڪوٽڙيءَ ۾ بابا صلاح الدين جي درگاھه ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن ٻن چئنلن جي ڪئميرامينن تيمور رند ۽ سندس ڀاءُ سمير رند کي يرغمال بڻائي هٿيارن جي زور تي کانئن ڪئميرا، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، جڏهن ته ڦورن مزاحمت تي نوجوان تيمور رند کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي کيس زخمي ڪري ڇڏيو. ڦر واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا ۽ زخمي تيمور رند کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙيءَ منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن تيمور رند جو چوڻ آهي تہ صوفي بزرگ بابا صلاح الدين جي درگاھه ڀرسان ٽن هٿياربندن کين يرغمال بڻائي ڪئميرا، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي، جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن تشدد ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي.